ضياءُ الرحمان جي مقرري: تحريڪ انصاف جو عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف خيبر پختونخواهه جي سول سروس آفيسر ضياءُ الرحمان جي مقرري خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته جي يو آءِ امير مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ کي ڪراچي سينٽرل ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، ضياءُ الرحمان کي خيبر پختونخواهه مان امپورٽ ڪيو ويو آهي، اها سنڌ جي ڪيڊر آفيسرن سان زيادتي آهي، ڇا سنڌ ۾ آفيسر ختم ٿي ويا آهن؟

هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل معاملي تي گوڙ ٿي رهيو آهي، هاڻ ته جعلي ڊي سي به اچي ويا آهن، ضياءُ الرحمان جي مقرري سپريم ڪورٽ جي آرڊر خلاف آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت غير آئيني طريقي سان هلي رهي آهي، ڪي پي ڪي حڪومت مولانا جي ڀاءُ کي واپس وٺي، اسان ان خلاف عدالت ۾ وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.