برسات پوندي ئي بجلي گم، ڪي اليڪٽرڪ سبب ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برسات پوندي ئي مختلف علائقن جي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جو موقف به سامهون آيو آهي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب برسات دوران انهن چند علائقن ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي، جيڪي هيٺيان آهن يا جتي ڪنڊا لڳل آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته روڊن تي پاڻي موجود هجڻ سبب بجلي جو انفرا اسٽرڪچر متاثر ٿيندو آهي، تنهن ڪري حڪومتي ادارن کي اپيل آهي ته پاڻي جي نيڪالي جي عمل ۾ تيزي آڻين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.