برسات ڪراچي کي وري مفلوج ڪري ڇڏيو، مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات کانپوءِ نظام ڊانواڊول ٿي ويو، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

چوماسيءَ جو ٽيون اسپيل ايندي ئي ڪراچي ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي، شهر جي مختلف علائقن ملير، ماڊل ڪالوني، سعود آباد، نيو ڪراچي، ايئرپورٽ، لانڍي، ڪورنگي، گلستان جوهر، شاهه فيصل، موسميات، گذري، صدر، شاهراهه فيصل ۽ ٻين هنڌن تي هوائن سان گڏ برسات پئي، جنهن کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي پيو.

شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات پوندي ئي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته روڊن تي پاڻي بيهجڻ سبب بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي.

ريسڪيو ادارن موجب شهر ۾ برسات دوران مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

گارڊن ڦوهارا چوڪ ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو، جنهن جي سڃاڻپ 55 ورهين جي يوسف جي نالي سان ٿي، جڏهن ته لانڍي جي علائقي قذافي ٽائون جي گرائونڊ ۾ بجلي جي ٽٽل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عثمان پٽ اختر جي نالي سان ٿي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ 18 ورهين جي اقبال طور ٿي ۽ ٻنهي کي جناح اسپتال نيو ويو.

ٻئي پاسي گلشن حديد فيز ٽو ۾ طاهر ميڊيڪل ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب 10 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن جي مڙهه کي به جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اورنگي ٽائون ساڍا 11 نمبر واري علائقي بينظير ڪالوني ۾ برساتي نالي ۾ تيز وهڪري سبب 26 ورهين جو طارق ٻڏي فوت ٿي ويو، علائقي واسين موجب نوجوان طارق موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته نالي ۾ ڪري پيو.

هوڏانهن ڪورنگي صنعتي ايريا واري علائقي ۾ ويٽا چورنگي ويجهو نالي ۾ 5 ورهين جي هڪ ٻارڙي ٻڏي وئي، جنهن جي لاش جو لاش هٿ ناهي اچي سگهيو.

موسميات کاتي موجب مون سون جي ٽئين اسپتال بابت اندازا غلط ثابت ٿيا آهن ۽ شهر ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته رات جي وقت تيز برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڀاڻي ٻيپهري تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.