سينيٽ جو خاص اجلاس 5 آگسٽ تي مظفر آباد ۾ گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيٽ جو خاص اجلاس 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير اسيمبلي مظفر آباد ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وزير اعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري هن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ هڪ نقطي واري ايجنڊا تي غور ٿيندو.

اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي اجاڳر ڪيو ويندو.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي موجب هو چاهي ٿو ته ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اجلاس مظفر آباد ۾ رٿيو وڃي.

سينيٽ چيئرمين سان ڳالهائيندي آزاد ڪشمير جي وزير اعظم چيو ته سينيٽ جو اجلاس مظفر آباد ۾ ٿيڻ اسان جي عزت ۽ احترام جي ڳالهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.