نيب جو سنڌ جي وڏي وزير خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

نيب ذريعن موجب قومي احتساب بيورو (نيب) ڪوڙي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

نيب چيئرمين مراد علي شاهه خلاف جلد ريفرنس تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ نيب سنڌ جي وڏي وزير خلاف ريفرنس جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊي جي نيب کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عيدالاضحيٰ کان پوءِ ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو وڃي.

نيب ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير خلاف ريفرنس سنڌ روشن ڪيس ۾ داخل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.