ڪراچي ۾ واپارين مارڪيٽون دير تائين کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي واپارين مارڪيٽون رات دير تائين کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي واپاري تنظيمن مارڪيٽون ڇنڇر ۽ آچر تي رات دير تائين دڪان کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون واپار ۾ آسانيون پيدا ڪن.

واپاري اڳواڻ چيو ته ڪراچي واپار جو حب آهي ان ڪري هتي واپاري سرگرمين جي بحالي جي اجازت ڏني وڃي.

ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ واپارين دعويٰ ڪئي هئي ته حڪومت آچر جي ڏينهن بازار کولڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز گهري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.