برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جي ڊيٽا چوري

ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ فراهم ڪندڙن تي هيڪرن جي حملي سان برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي گھٽ ۾ گھٽ 10 يونيورسٽين جي موجوده يا اڳوڻن شاگردن جي ڊيٽا چوري ٿي وئي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هيومن رائيٽس واچ ۽ ٻارن جي ذهني صحت جي فلاحي تنظيم، ينگ مائينڊز به تصديق ڪئي آهي ته هو متاثر ٿيا آهن.

ان هيڪ بليڪ بائوڊ کي نشانو بڻايو جيڪو  دنيا جي سڀ کان وڏي تعليمي ايڊمنسٽريشن فراهم ڪندڙ،  فنڊ ريزنگ ۽ مالياتي انتظام جو سافٽ ويئر فراهم ڪندو آهي.

واضح رهي ته آمريڪا ۾ موجود ان ڪمپني جو سسٽم مئي ۾ هيڪ ڪيو ويو هو.

ڪمپني تي هڪ وقت تائين عوام جي سامهون انڪشاف نه ڪرڻ ۽ هيڪرن کي ڀُنگ ادا ڪرڻ تي سخت به ڪئي  پئي وڃي.

رپورٽ موجب ڪجهه ڪيسن ۾ ڊيٽا رڳو شاگردن تائين ئي محدود هئي جن کي چيو ويو هو ته هو جن ادارن مان پڙهي چڪا آهن انهن جي مالي مدد ڪن پر ٻين ۾ هيڪرن عملي، موجوده شاگردن ۽ ٻين مددگارن جي ڊيٽا کي نشانو بڻايو.

هن وقت ميڊيا طرفان تصديق ڪيل متاثر يونيورسٽين جا نالا هي آهن:

نيويارڪ يونيورسٽي

آڪسفورڊ بروڪس يونيورسٽي

ليڊز يونيورسٽي

لنڊن يونيورسٽي

يونيورسٽي آف ريڊنگ

يونيورسٽي ڪاليج، آڪسفورڊ

امبروز يونيورسٽي، البرٽا، ڪئنيڊا

هيومن رائيٽس واچ

ينگ مائينڊز

روڊ آئيلينڊ اسڪول آف ڊزائين، آمريڪا ۽ ايڪزيٽر يونيورسٽي  شامل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.