وڌيڪ ٽيمون پاڪستان اينديون: وسيم خان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان چيو آهي ته ٽيم انگلينڊ موڪلڻ جو فيصلو ڏکيو هو پر ويسٽ انڊيز طرفان انگلينڊ وڃڻ جي فيصلي کانپوءِ اسان کي فيصلي ۾ سولائي ٿي.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وسيم خان چيو ته ته رانديگرن جون ڪورونا ٽيسٽون هاڪاري اچڻ تي بورڊ اختياريون ذهني دباءَ جو شڪار هيون، اهو هڪ ڏکيو وقت هو، اسان ڪرڪيٽرن سان ڳالهايو، اهي به راند جي بحالي جا خواهشمند هئا.

هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي دوري سبب پي سي بي کي فيصلو ڪرڻ ۾ سولائي ٿي، ويسٽ انڊيز ان وقت انگلينڊ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن اتي حالتون وڌيڪ خراب هيون، اسان کان پڇيو ويندو آهي ته ٽيم ڇو موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو؟ اهو ئي سوال ويسٽ انڊيز کان به ٿيڻ گهرجي، راند جي بحالي اهم هئي، تنهن ڪري اسان اهو فيصلو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته مان 2019 ۾ پي سي بي ۾ آيس، ان کانپوءِ ڪيتريون ئي ٽيمون پاڪستان آيون، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ايم سي سي کانپوءِ وڌيڪ ٽيمون پاڪستان اينديون، پرڏيهي ٽيمن جا پاڪستان جي حوالي سان خيال تبديل ٿي رهيا آهن، اهي به سمجهن ٿيون ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.