ارشد پپو قتل ڪيس: امن ڪميٽي جو حبيب جان بلوچ ۽ فيصل پٺاڻ اشتهاري قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ارشد پپو قتل ڪيس ۾ مفرور امن ڪميٽي اڳواڻ حبيب جان بلوچ ۽ فيصل پٺاڻ کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت ارشد پپو قتل ڪيس ۾ حبيب جان ۽ فيصل پٺاڻ جا دائمي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت حڪم ڏنو آهي ته ٻئي جوابدار جتي به هٿ اچن، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ مفرور جوابدار نور محمد عرف بابا لاڊلا 2017 ۾ رينجرز مقابلي ۾ مارجي ويو هو، جوابدار جي مارجڻ جي حوالي سان بغدادي ٿاڻي ۾ 2017 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.