پوليس حراست ۾ موجود عزير بلوچ هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس حراست ۾ موجود لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هٿيار برآمدگي ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران پيشي جي موقعي تي پوليس مقابلي ۾ مفرور جوابدار عزير بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب عزير بلوچ تي 2013 ۾ پوليس مقابلي جو الزام آهي، جوابدار 2013 ۾ ان ڪيس ۾ مفرور هو ۽ ان خلاف ڪلري ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

رپورٽ موجب عزير بلوچ خلاف مختلف عدالتن ۾ 56 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، ان کانسواءِ جوابدار تي ڳجهي ڄاڻ پرڏيهي ايجنسي کي فراهم ڪرڻ جو به الزام آهي.

هلندڙ سال 4 اپريل تي فوجي عدالت پاڙيسري ملڪ جي ڳجهي ايجنسي کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ آرمي ايڪٽ جي قلم 59 آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 جي سيڪشن 3 تحت 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

واضح رهي ته لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ کي رينجرز 30 جنوري 2016 ۾ ڪراچي ڀرسان گرفتار ڪيو هو، مٿس مخالف گينسٽر ارشد پپو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل سميت ڀتي خوري جا به الزام آهن.

سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ به پبلڪ ڪري ڇڏي هئي، جنهن موجب جوابدار اهڙن الزامن جو اعتراف ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.