اٽي جي بحران جو ذميوار ڪير؟

مقبول ملاح

ڪورونا وائرس ڪري جتي ملڪ جي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، غريب ۽ بي پهچ ماڻهو بيروزگاري سبب بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي ويو آهي، اتي وري مٿان مهانگائي سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، روز مرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شيون خاص ڪري ڀاڄيون ۽ کير ته اڳ ئي مهانگو ڪيو ويو هو، وري اٽو مهانگو ڪري سندن ٻن ويلن جي ماني به کانئن کسي پئي وڃي،  حيدرآباد ۾ گذريل هڪ مهيني کان ڀاڄين جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن، ٽماٽو هڪ دفعو ٻيهر مهانگو ڪيو ويو آهي، چيو پيو وڃي ته عيد وارن ڏينهن ۾ ٽماٽو اڻلڀ هوندو، سائي ڀاڄي 100 روپيا ڪلو کان گهٽ نه ٿي ملي، کير 100 روپين مان 120 روپيا ڪلو ڪيو ويو آهي،  جنهن خلاف ماڻهو رستن تي نڪتا، اخبارن ذريعي انتظاميه کي آگاهه ڪيو ويو، پر ضلعي انتظاميه توڙي سنڌ حڪومت ان تي عمل ڪرائي نه سگهي، مٿان وري اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي،  ٻن مهينن دوران مختلف وقتن تي قيمتن ۾ اضافو ڪندي هن وقت حيدرآباد ۾ مڻ تي 400 روپيا اضافو ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد شهر، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ لڳ ڀڳ 2 سئو اٽي چڪيون ۽ 40 کان وڌيڪ فلور ملون آهن، جن مان اٽي چڪي کي هر روز 133 ڪلو ۽ فلور ملن کي ڪوٽا تحت ڪڻڪ جاري ڪئي وڃي ٿي، ٻه مهينا اڳ اٽو في ڪلو 52 روپيا ۽ في مڻ 2080 روپيا مارڪيٽ ۾ اگهه هلي رهيو هو، جيڪو هاڻ اٽو في ڪلو 62 روپيا ۽ في مڻ 2480 روپيا في مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سان عوام سخت پريشان ٿي ويو آهي.

جيتوڻيڪ عوامي شڪايتن تي  حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو جي حڪم تي چئني تعلقن جي مختيارڪارن اٽي چڪين ۽ فلور ملن تي ڇاپا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو، اٽي جا اگهه وڌائي وڪرو ڪندڙ اٽي چڪي مالڪن تي ڳرا ڏنڊ هڻي وصول ڪري کين وارننگ به ڏني ته جيڪڏهن اٽي جا اگهه غيرقانوني طريقي سان وڌايا ويا ته اٽي چڪين جا لائسنس رد ڪيا ويندا، پر اٽي چڪين ۽ فلور مل  مالڪن اٽي جا اگهه گهٽائڻ بدران ضلعي انتظاميه کي چتاءُ ڏنو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪرڻ بدران سندن خلاف ڪو به قدم کنيو ويو ته هو ملون بند ڪري ڇڏيندا.

آٽا چڪي اونرز سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ مهانگي ملندي ته اٽو به ان ئي قيمت تي فراهم ڪيو ويندو. سندن چوڻ هو ته 4 مهينا اڳ ڪڻڪ جي هڪ سئو ڪلو واري ٻوري جو اگهه 33 سئو روپيا هو، جيڪو 17 سئو روپيا ريڪارڊ واڌ سان هاڻ 5 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن سان اٽي جي قيمت ۾ پاڻ مرادو اضافو ٿي ويو آهي. سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن انتظاميه چاهي ٿي ته عوام کي مناسب ريٽ تي اٽو فراهم ڪريون ته سڀ کان پهريان ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي کين ڪڻڪ مناسب اگهه تي ڏني وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جا اگهه گهٽ نه ٿيا ته ڪڻڪ خريداري بند ڪري ڇڏينداسين، جنهن کان پوءِ اٽو اڻلڀ ٿي ويندو.

هوڏانهن آبادگارن جو چوڻ آهي ته هن سال سنڌ ۾ ڪڻڪ جا فصل اڳ کان بهتر لٿا آهن، پر ڪڻڪ  جو باڙدانو ننڍن آبادگارن کي ڏيڻ بدران هڪ سازش تحت آبادگارن کان ڪڻڪ پنهنجن من پسند قيمت تي واپارين خريد ڪئي آهي، جن ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏي ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو، جنهن ڪري اٽو مهانگو ٿي ويو آهي.

ڏٺو وڃي ته اٽي جو هي بحران صرف حيدرآباد نه پر پوري سنڌ ۾ ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو هڪ سبب باڙداني جي ورهاست آهي، ڇاڪاڻ ته ننڍن آبادگارن کي باڙدانو ڏنو ئي نه ٿو وڃي، جڏهن ته هن سال لاڪ ڊائون ڪري ڪڻڪ جي چرپر تي بندش هئي، ٽرانسپورٽ بند هئڻ ڪري ڪڻڪ مارڪيٽ تائين رسائي به وڏو چئلينج هيو، جنهن ڪري به آبادگارن کان ڪڻڪ واپارين خريد ڪئي، جڏهن ته واپارين هڪ ته ڪڻڪ جا من پسند اگهه ورتا، مٿان وري ڪڻڪ ذخيرو ڪئي وئي آهي، نتيجو ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ مان غائب آهي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.

حڪومت کي گهرجي ته سڀ کان پهريان ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ڪڻڪ جي مارڪيٽ تائين رسائي کي يقيني بنائي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن فلور مل مالڪن کي ڪڻڪ مهانگي ملندي ته يقينن اٽي جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيندو ۽ جيڪڏهن فلور مل مالڪن خلاف ايڪشن کنيا ويا ۽ هنن پنهنجون ملون بند ڪري ڇڏيون ته پوءِ اٽو اڻلڀ ٿي ويندو ۽  بليڪ تي وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.