ڪراچي ۾ پيءُ هٿان پٽ قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي محمود آباد ۾ پيءُ فائرنگ ڪري پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب محمود آباد ڪشمير ڪالوني ۾ فائرنگ جو واقعو گهريلو جهيڙي دوران پيش آيو آهي.

مقتول جي سڃاڻپ انيس جي نالي سان ڪئي وئي آهي جنهن کي پيءُ جهيڙي دوران فائرنگ ڪري قتل ڪيو.

پيءُ جي فائرنگ ۾ پٽ ٿڏي تي فوت ٿي ويو تنهن هوندي پيءُ فرار ٿي ويو.

پوليس واقعي جون شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.