اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو آن لائن گيم پب جي کي فوري کولڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آن لائن گيم کيڏڻ وارن لاءِ خوشخبري آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پب جي کي فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت عاليه جي جسٽس عامر فاروق پب جي تي پابندي خلاف محفوظ فيصلو ٻڌائيندي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي پب جي گيم کي فوري طور کولڻ جو حڪم ڏنو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي جو پب جي تي پابندي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پي ٽي اي نوجوانن جي آپگهات ۽ شهرين جي شڪايتن کان پوءِ پب جي تي پابندي هنئي هئي. پر پاڪستان ۾ پب جي ڪنٽرول ڪندڙ ڪمپني پي ٽي اي جي فيصلي کي عدالت عاليه ۾ چيلينج ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.