سرفراز احمد جي موجودگيءَ سان ڪو مسئلو ناهي: محمد رضوان

ڊربي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان چيو آهي ته اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد جي موجودگيءَ سان مان ڪو دٻاءُ محسوس نه پيو ڪيان.

ڊربي ۾ ويڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته انگلينڊ ۾ ٽريننگ لاءِ سٺيون سهولتون آهن، سڀ محنت ڪري رهيا آهيون، مون تي ڪو واڌو بار ناهي، سرفراز سان پوزيشن لاءِ صحتمداڻو مقابلو آهي، ٻنهي جي خواهش آهي ته پاڪستان لاءِ کيڏون ۽ سٺو پرفارم ڪيون.

سندس چوڻ هو ته مان پاڻ سرفراز احمد جو مداح آهيان، پهرين يا ٻي چوائس جو پريشر ناهيان کڻندو، سرفراز احمد کان کسي به رهيو آهيان، سندس اڳواڻي ۾ ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کٽي، موقعو ملڻ تي کيس ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، اڄوڪي ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽ ڪيپرن بدران بيٽسمين وڪيٽ ڪيپر ضرورت بڻجي ويا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ محمد رضوان چيو ته بيٽسمين لاءِ هڪ نمبر هجڻ سٺي ڳالهه آهي پر ٽيم لاءِ ڪنهن به پوزيشن تي کيڏي سگهان ٿو، ڊگهو اسڪور ڪرڻ جي پلاننگ آهي، محنت ڪري رهيو آهيان، نتيجا الله پاڪ جي هٿ ۾ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.