سنڌ ۾ هارين بابت سال 2019 جي رپورٽ جاري

ماريا اسماعيل

سنڌ۾ لکين هاري غربت ،بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن .سنڌ جو هاري صدين کان ظلم جو شڪار رهندو پيو اچي اسيمبلين ۾ جاگيردارن هجڻ ڪري هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل نٿو ٿئي، سنڌ ۾ جاگيردار اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن، هارين جو صحيح ۽ منصفاڻو حساب ڪتاب نه ٿيڻ جي ڪري لکين هاري بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، اسيمبلين ۾ قابض جاگيردار طبقو هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بابت ڏنل تاريخي فيصلي کي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ چيليئنج ڪري هاري دُشمني جو ثبوت ڏنوآهي.
سال 2019ع دوران 2309 پورهيت نجي جيلن مان ڪورٽ زريعي آزاد ٿيا جن ۾ 819 ٻار ۽743عورتون شامل آهن، هارين جي حقن جي تحريڪ کي سگهارو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.
هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن طرفان هارين جي حقن بابت سالانه تحقيقي رپورٽ جي آن لائن پڌرائي ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي، هاري مزدور، عورت ڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي انساني حقن بابت وڏي وزير مرادي علي شاهه جي خاص معاون ويرجي ڪولهي، پائلر جي ڊائريڪٽر ڪرامت علي، عورت اڳواڻ امر سنڌو، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو، هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن جي صدر اڪرم خاصخيلي، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي سعد گيلاني، ذولفقار شاهه، پرڀو ستياني،روبينه چانڊيو، پُشپا ڪُماري ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هارين جي استحصال جو وڏو سبب جاگيرداري نظام آهي، اسيمبلين ۾ ويٺل جاگيردار نٿا چاهين ته سنڌ ۾ هارين کي پنهنجا حق ملن. هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل نه ٿيڻ ۾ وڏي رنڊڪ جاگيردار طبقو آهي، جبري پورهئي جي خاتمي تي عمل نه ٿيڻ ڪري هزارين هاري ۽ مزدور پنهنجي خاندانن سميت جاگيردارن جي نجي جيلن ۾ قيد آهن .
هُنن چيوته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت هڪ هاري جي پٽيشن تي هارين جي حقن بابت سنڌ جي تاريخ ۾ ٽيننسي ايڪٽ بعد هڪ وڏو تاريخي فيصلو ڏنو آهي. عدالتي فيصلي تحت صوبي جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا اختيار واپس وٺي بيگار جي شق کي رد ڪري ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ٿيڻ تائين هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا اختيار جوڊيشل مئجسٽريٽن جي حوالي ڪيا آهن.
هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان اُن عدالتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ لکين هارين سان ناانصافي جو چٽو ثبوت آهي هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪندي چيوته سنڌ حڪومت ان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ بدران فوري طور تي صوبي جي لکين هارين جي رجسٽريشن جو ڪم مڪمل ڪري. ان دوران هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن، چونڊيل نمائندن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪري سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم ڪري ان کي سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ته جيئن سنڌ جي هارين جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي، ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ کان اڳ هارياڻين بابت به تجويزون وٺي انهن کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن ٽيننسي ايڪٽ ۾ سنڌ جي هارياڻين جا حق ۽ تحفظ جي ضمانت کي قانوني شڪل ملي سگهي
سنڌ حڪومت پاران سنڌ بانڊيد ليبر ابالشن ايڪٽ 2015ع پاسي ڪيو ويو آهي پر 4 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين سنڌ جي 29 ضلعن مان صرف 7 ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ وجلنس ڪاميٽيون ٺهي سگهيون جيڪي پڻ جبري پورهئي کي روڪڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن جنهن جي ڪري سنڌ جا هزارين هاري ۽ بٺا مزدور جاگيردارن جي نجي جيلن ۾ رهن ٿا رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هارين کي ڪنهن به قسم جو سوشل سيڪيورٽي ناهي ان ڪري سنڌ جي هارين کي سوشل سيڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.