محمد عامر جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) فاسٽ بالر محمد عامر جي  ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي، جلد انگلينڊ روانو ٿيندو.

محمد عامر جي سومر ۽ اربع تي ڪورونا لاءِ ٽيسٽ ڪئي وئي هئي، هن جي ٽيسٽ جو رزلٽ نيگيٽيو آيو، جنهن جي پي سي بي طرفان تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف محمد عامر سان گڏ محمد عمران به انگلينڊ ويندو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽيو آئي آهي.

ضابطن موجب، ٻئي ميمبر هاڻي سفر جو اهل آهن، پي سي بي محمد عامر ۽ محمد عمران لاءِ سفري انتظامن جي شروعات ڪري رهيو آهي.

امڪان آهي ته محمد عامر ۽ محمد عمران ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ انگلينڊ روانو ٿين ۽ ڊربي ۾ قومي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ پڻ ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائيندا..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.