پاڪستان طرفان نه کيڏڻ جو سڄي عمر افسوس رهندو: عمران طاهر

 

ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر عمران طاهر چيو آهي ته لاهور جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ مون کي دنيا ۾ ڪٿي به کيڏڻ جي لائق بڻايو.

هڪ انٽرويو ۾ پاڪستان ڄائي ڏکڻ آفريقي ليگ اسپنر چيو ته پاڪستان جي نمائندگي نه ڪرڻ تي افسوس رهندو پر مون کي ڏکڻ آفريقا ۾ جيڪي ڪاميابيون مليون، انهن تي فخر محسوس ڪيان ٿو، اتي ماڻهن مون کي تسليم ڪيو ۽ وڏي عزت ڏني.

هن چيو ان کان وڏو ڏک نٿو ٿي سگهي ته توهان سڀ ڪجهه ڇڏي ٻئي ملڪ منتقل ٿي وڃو پر سمجهان ٿو ته مان جيڪو فيصلو ڪيو، الله پاڪ ان ۾ برڪت وڌي، مون کي لاهور ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي سدائين فخر رهندو.

سندس موجب پي ايس ايل فائيو جي فاتح جو فيصلو گرائونڊ ۾ ٿئي ته وڌيڪ بهتر هوندو، جيڪڏهن رهيل ميچون نه ٿيون ٿين ته پوائٽس ٽيبل تي ٽاپ ٽيم کي فاتح قرار ڏنو وڃي، اهو ان ڪري نٿو چوان ته مان ملتان سلطانز جو حصو آهيان پر دنيا ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، اهو ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.