ٿر ۾ گئوچر زمينن تان قبضا ڪير ختم ڪرائيندو؟

غازي بجير

ٿرپارڪر ضلعو جيڪو مسلسل ڏُڪارن ۽ مصيبتن کي مُنهن ڏيندو پيو اچي، مسلسل ڏُڪارن دوران هتان جي ماروئڙن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، ٿر جي 95 سيڪڙو آبادي جو گذر سفر برساتن ۽ چوپائي مال تي آهي، جيڪڏهن برسات پوي ته ٿر آباد ٿيندو آهي، نه ته حالتون خراب ٿي وينديون آهن ۽ مالوند مارو ماڻهو وري چوپايو مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن روانا ٿيندا آهن، جتي هو سال جا چار مهينا ڏکيا سکيا ڪاٽڻ بعد وري ٿر تي برساتون پونديون آهن ته هُو چوپايو مال ڪاهي واپس پنهنجن ماڳن تي ورندا آهن، هن سال هن وقت به ٿر تي برساتون پيون آهن، مالوند ماڻهو چوپايو مال ڪاهي پنهنجن اجهن طرف اچي رهيا آهن، پر هن وقت جيڪو اهم مسئلو آهي، اُهو گئوچر زمينن تي قبضن  جو آهي، هي مسئلو اڄ جو نه پر سالين سال پُراڻو آهي، ٿر جي سمورن تعلقن ۾ سرڪار پاران ڇڏيل چوپائي مال لاءِ گئوچر زمينن جنهن تي هر سال جيئان هن سال به قبضا شروع ٿي ويا آهن، هر سال سوين ايڪڙ گئوچر زمين قبضي هيٺ اچي ويندي آهي، جنهن سبب ٿر جي گئوچر زمين ختم ٿيندي پئي وڃي، لکين ايڪڙن تي مشتمل زمين هاڻي ڪٿي ڪٿي وڃي ٽُڪرن جي صورت ۾ بچي آهي.

هتان جي بااثر ماڻهن زمينن تي قبضا ڪري فصل پوکي ڇڏيا آهن، ٿر ۾ سرڪاري زمينون لاوارث بڻيل آهي، 80 هزار ايڪڙ گئوچر زمين قبضا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بااثرن زمينن تي زوري قبضا ڪري ٻنيون پوکڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٿر جي سمورن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي ۽ ڏاهلي جي ڳوٺن ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ٿي وڃڻ ڪري 74 لک چوپايو مال بکون ڪاٽڻ سان گڏ گهرن تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ وسڪاري باوجود مالوندن جو مال بکون ڪاٽي رهيو آهي، مالوندن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن.

هونئن ته ٿر سمورين انساني ۽ بنيادي سهوليتن کان محروم هجڻ ڪري دربدري جو داستان بڻيل آهي، هزارين مسئلا ٿر جو مقدر بڻيل آهن، پر ٿر جا به اهڙا مسئلا آهن، جيڪي ضلعي جي 15 لک آبادي جي معاشي ۽ 74 لک چوپائي مال جي جاني نقصان لاءِ هن وقت انتهائي وڏو خطرو بڻيل آهن، جنهن سان نه رڳو انساني آبادي پر عوام جي گذر سفر جو واحد ذريعو چوپائي مال ۽ ماحولياتي حُسن جي زندگي داءَ تي لڳل آهي، ان کي چند ماڻهن جي فائدي عيوض سڄي مخلوق کي هٿ وٺي خطري ۾ وڌو پيو وڃي، اهڙن مسئلن ۾ چوپايي مال جي چراگاهن واري گئوچر زمين تي قبضا، وڻن جي واڍي، جهنگلي جيوت جو شڪار ۽ روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان زمين تي جهيڙا وغيره شامل آهن، جيڪي بظاهر ته ٿر کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن توڙي حڪومت لاءِ ننڍا مسئلا نظر ايندا هوندا، پر اُهي مسئلا ٿر جي معاشي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن، انهن مسئلن جي پسمنظر ۾ جهاتي پائڻ سان اهي سموريون تلخ حقيقتون سامهون اچي وينديون، جيڪي صدين کان بکايل، ڏُتڙيل ۽ بي سهارا ٿري ماروئڙن جي معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، حڪومتي سطح تي انهن مسئلن تي قابو پائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪاررواين جون هدايتون ملنديون رهيون ۽ عدالتون پڻ ان معاملي جي حل لاءِ ڊويزن يا ضلعي انتظاميه کي حڪم جاري ڪنديون رهيون آهن، پر ٿرپارڪر ضلعي جي انتظاميا اهڙين هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ناهي ڪرايو.

ٿر ۾ انگريزن جي دور کان نافذ روينيو قانون موجب چوپايي مال جي چراگاهن لاءِ گئوچر زمين مخصوص ٿيل آهي، جنهن تي قبضي ذريعي فصلن جي پوکائي ڪرڻ قانوني ڏوهه قرار ڏنل آهن، پر ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود 74 لک چوپايي مال جي چراگاهن لاءِ سرڪاري طور مخصوص ڪيل 80 هزار ايڪڙن کان به وڌيڪ زمين تي بااثر ماڻهن جا قبضا ٿيل آهن، جنهن ڪري ٿري ماروئڙن جي گذرسفر جي ذريعي چوپايي مال جون چراگاهون ختم ٿي ويون آهن. چراگاهن واري گئوچر زمين تي قبضن واري ڏوهه تي قابو پائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروايون ڪرڻ لاءِ بار بار مقامي ضلعي انتظاميه کي حڪم ملندا رهن ٿا ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ قبضا خالي ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري چڪي آهي. اڄ به ٿر جي گئوچر زمين تي قبضا برقرار آهن، تنهن ڪري ان معاملي تي سنڌ حڪومت توڙي عدالت کي ٻيهر نوٽس وٺڻ ۽ ڪرپٽ ضلعي انتظاميه خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جي تُرت ضرورت آهي.

هاڻوڪين برساتن ۾ ٿري ماڻهو خوشحالي بدران جهيڙن ۽ ڪيسن ۾ ڦاٿل هجڻ ڪري وڌيڪ معاشي بدحالي جو شڪار بڻجي رهيا آهن، برساتن بعد زمين جي جهيڙن ۽ تڪرارن وارو معاملو ضلعي انتظاميه ۽ مقامي روينيو ڪامورن لاءِ سوني جهرڪي بڻيل آهي، ساڳئي صورتحال ٿر جي جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي جي آهي، ٿر ۾ وڻن جي واڍي تي پابندي باوجود بااثر ماڻهن ٿر جا ناياب وڻ وڍي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، بااثر ڌرين جي آرا مشينن تي ٿر جي خوبصورت وڻ روهيڙو کان وٺي سمورا وڻ وڍي ڍير لڳايا ويا آهن، جنهن ڪري هڪڙي پاسي ٿر جو فطري حُسن ٽياس تي ٽنگيل آهي، ته ٻئي پاسي وڻن جي غير قانوني واڍي سان ماحولياتي مسئلا پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، ته ٻئي پاسي ٿر ۾ جهنگلي جيوت جو تحفظ پڻ سواليه بڻيل آهن، ٿر ۾ حڪومتي سطح تي جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ مخصوص ڪيل گيم سينچري واري علائقن ۾ هرڻ، روجھ، تلور، تتر ۽ ٻين ناياب جانورن ۽ پکين جو شڪار کلي عام ٿئي ٿو.

ٿرپاڪر جي انتظاميا هن وقت ٿرپارڪر ضلعي ۾ “لُنڊي بلا” جيان وٽ کائيندي نظر اچي ٿي، پر ڪير به ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ چوطرف خاموشي سڏڪن جي ساگر ۾ ٻڏل آهي. ان خاموشي جي اونهي کوهه مان ڪير ٻاهر نڪري ٻه لفظ ڳالهائڻ جو رڳو اڃان ارادو ڪري ٿو ته ان مٿان انتظاميه طاقت سان معاشي حملا ڪري ان کي ٻيهر ماٺ ڪرائڻ جا ڪيترائي گُر استعمال ڪري ٿي. هن وقت ٿر جي گئوچرن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي، انتظاميا کي گهرجي ته گئوچرن تي قبضا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻي ته جيئن ٿر جا مارو ماڻهو پنهنجي مال جي چاري لاءِ پريشاني جو شڪار نه ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.