سام سنگ جي هيل تائين سستي ترين سمارٽ فون متعارف

 

سام سنگ پنهنجي هيل تائين سڀ کان سستي سمارٽ فون گليڪسي اي 01 ڪور متعارف ڪرائي ڇڏي.

اها انٽري ليول فون خاموشي سان انڊونيشيا ۾ متعارف ڪرائي وئي، جنهن ۾ اينڊرائيڊ 10 (گو ايڊيشن) آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي.

فون ۾ 5.3 انچ (پي ايل ايس) ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزوليوشن 18:5:9 ايسپڪٽ ريشو سان ڏنو ويو آهي.

ان فون ۾ ميڊيا ٽيڪ ايم ٽي 6739 پراسيسر ڪواڊ ڪور سي پي يو سان گڏ ڏنو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ هڪ بي جي ريم، 16 کان 32 جي بي اسٽوريج موجود آهي.

گليڪسي اي 01 ڪور ۾ 3000 ايم اي ايڇ بيٽري، هيڊ فون جيڪ ۽ هائبرڊ سم سلاٽ ڏني وئي آهي.

فون جي پٺ تي 8 ميگا پڪسل ڪئميرا ايل اي ڊي فليش سان، جڏهن ته فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪئميرا ڏني وئي آهي.

اها فون بليو، بليڪ ۽ ريڊ رنگن ۾ 10 لک 99 هزار انڊونيشن رپين (ساڍا 12 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪئي ويندي پر 23 جولاءِ تائين ان جي قيمت 9 لک 99 هزار انڊونيشين رپيا (11 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

ٻين ملڪن ۾ ان کي ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو، ان حوالي سان ڪمپني في الحال ڪو اعلان ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.