پهريون عرب خلائي مشن مريخ جي سفر تي روانو

 

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جو مريخ لاءِ پهريون خلائي مشن سومر جي صبح جاپاني خلائي اڏي تانيگاشيما مان روانو ٿي ويو آهي.

اهو مشن 7 مهينن ۾ تقريبن 50 ڪروڙ ڪلو ميٽرن جو سفر طئي ڪري مريخ تي پهچندو.

گڏيل عرب امارتن ان تحقيقاتي مشن لاءِ هڪ روبوٽڪ خلائي گاڏي رواني ڪئي آهي، جنهن جو نالو ”هوپ“ معنيٰ اميد آهي.

ايندڙ سال گڏيل عرب امارتون قائم ٿيڻ کي 50 سال مڪمل ٿي ويندا ۽ امڪان آهي ته مريخ تي ان خلائي جهاز جي لينڊنگ ملڪ جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.