زوم ايپ، ٽڪ ٽاڪ کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

جيئن ته اسان کي خبر آهي ته لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ جو اعزاز حاصل هو پر هاڻ زوم ٽڪ ٽاڪ کان اهو اعزاز کسي ورتو  آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ڪالنگ ايپ زوم کي (اپريل-جون) 2020ع دوران 300 ملين ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي.

وڊيو ڪالنگ ايپ زوم جي مقبوليت ۾ واڌ جو خاص سبب ڪورونا وائرس آهي جنهن جي ڪري ماڻهو گھرن ۾ ويهي آن لائين ڪم دوران زوم جو استعمال ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.