بدين جي آبادگارن جي مالڪي ڪريو

عاجز انور لاشاري

لاڙ پٽ جي ضلعي بدين ۾ زراعت جي پوکي لاءِ پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، ڪجهه سالن کان نهرون ۽ شاخون خالي هجڻ ڪري زراعت لاءِ پاڻي نٿو پهچي، پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب سوين ايڪڙ زمين جا مالڪ معاشي طور تي ڪنگال ٿي چڪا آهن، 50 ايڪڙ زمين جا مالڪ به ڪاٺيون وڪرو ڪري پيٽ گذرڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، توڙي جو پاڻي جي کوٽ واري مسئلي خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، آبادگار تنظيمن جي پاڻي کوٽ خلاف مسلسل احتجاجي مظاھرن جي باوجود حڪومتي ذميوار ميمبرن جي مٿي تي جون به نٿي سري، پاڻي کوٽ ضلعي سطح تي وڏي شدت اختيار ڪري چڪو آھي، جنهن جي ذميوار سڌ سنئين پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ سنڌ حڪومت پڻ آهي، ڇو ته پ پ جي سنڌ ۾ لڳاتار حڪمراني هلندڙ آهي ۽ سنڌ سرڪار، بدين جي آبادگارن جي دانهن ۽ احتجاج جي باوجود پاڻي جي کوٽ واري مسئلي جو ٽيڪنيڪل يا سائنسي طريقي سان ڪو حل ڳولي نه سگهي آهي.

پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جي احتجاج کان پوءِ وڏي وزير جي خاص معاون پير نورالله شاهه، سيڊا جي چيئرمين ۽ ڊائريڪٽرن سان گڏجي مختلف وقتن تي بدين ڏانهن پاڻي کڻي ايندڙ ڪينال جو دورو ڪري آبادگارن کي سکڻين ڳالهين ۾ ته مطمئين ڪيو آهي، پر پاڻي جي کوٽ جي مسئلي جو حل ناهي نڪتو ۽ هن وقت به سڄو بدين ضلعو پاڻي جي کوٽ لاءِ ٻاڪاري رهيو آهي، پاڻي جي کوٽ خلاف ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ سلطاني واهه ۽ اڪرم واهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن راڄوخاناڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ۽ “پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا” وارا نعريٰ هنيا، احتجاج دوران سيڊا جي ڊائريڪٽر مير غلام علي آبادگارن وٽ پھچي ڳالهيون ڪيون ۽ پاڻي کوٽ واري مسئلي کي حل ڪرائڻ جو يقين ۽ خاطري ڏيارڻ بعد احتجاج کي ختم ته ڪرائي ورتو، پر سوال اهو آهي ته ڇا ڊائريڪٽر انهن بااثر ماڻهن جيڪي پاڻي چوري ڪرائي رهيا آهن، انهن کي منهن ڏئي بدين جي آبادگارن کي پاڻي پهچائي سگهندو.؟؟؟

ڪافي سالن کان ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ غير قانوني واھن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري پاڻي کوٽ وارو مسئلو سڄي ضلعي بدين ۾ برقرار رھيو آھي، جيتوڻيڪ پاڻي کوٽ وارو مسئلو اڄ جو نه پر ڪافي سالن کان بدين ضلعي جي آبادگارن لاءِ مٿي جو سر بڻيل رھيو آهي، آبادگارن جي مختلف تنظيمن ۽ گروپن پاران مختلف تحريڪون به هلايون ويون آهن، آبادگارن جا پيادل مارچ، ڊگھا پنڌ دوران پير پٿون ڪري وجهندا آهن، ھن وقت به ضلعي بچايو ڪميٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف مسلسل احتجاج جاري آھي.

بدين ۾ پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل نه ٿيڻ ڪري سوين آبادگار بيروزگاري جو شڪار ٿي ويا آهن، پاڻي کوٽ ڪري زرعي زمينون بنجر بڻيل آهن، پوکيل فصل پڻ سڪي تباهه ٿي رھيو آھي، ڪيترائي آبادگار ھن سال ساريالي فصل جي پوکي کان پڻ محروم ٿي ويا آھن، جن آبادگارن پاڻي اچڻ جي آسري تي قرض کنيا ۽ ساليالو ٻيجو پوکيو انهن کي به وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا نمائنده پاڻي کوٽ واري مسئلي تي مڪمل طور تي ماٺار جو روزو رکي اگھور ننڊ ستل آھن.

هاڻي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سيڊا وارا آخر بااثر زميندارن اڳيان ايترو بيوس ڇو بڻيل آهن ۽ پاڻي کوٽ برقرار رھڻ جو آخرڪار فالٽ ڪھڙو آھي، جيڪو سيڊا چيئرمين ۽ عملدار ڳولي نه سگھيا آھن، ھتان جي آبادگارن جو خيال آهي ته ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ سلطاني واهه ۽ اڪرم واهه ۾ مسلسل پاڻي کوٽ جو ڪارڻ ٻيو ڪو نه پر فلڊ ڪئنال، غير قانوني لڳل 8 ڦٽ جا دڪا ۽ غير قانوني واهن جو وهڻ آهي، جن اڳيان سيڊا جا عملدار بيوس بڻجي خاموش ويٺل آهن، سيڊا توڙي سنڌ سرڪار ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري، سلطاني واهه مان نڪرندڙ ٻورو مائينر ۽ شيخاڻي مائينر ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون پاڻي کان محروم آھن، پاڻي ڦڙو نه ملڻ ڪري آبادگارن جا لاهه نڪري ويا آھن، پوکيل فصل پڻ سڪي سڙي رهيا آهن، جنھن جو ذميوار سيڊا ۽ سنڌ حڪومت کانسواءِ ٻيو ڪو به ناهي. سنڌ سرڪار ۽ سيڊا جي اختيارين کي بدين ۾ پاڻي جي کوٽ واري مسئلي جي حل لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇو ته پاڻي جي کوٽ بدين جي آبادگارن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، بدين جي آبادگارن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.