”گورنر ميڊيا تي ڪلمو پڙهي چئي ته هن سان امن ڪميٽي جي نمائندن ملاقات نه ڪئي هئي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تعليم ۽ ليبر کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نااهل حڪومت مخالف ڌر کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو پئي بڻائي، منهنجي پٺيان نيب کانپوءِ ايف آءِ اي کي ڇڏيو ويو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هڪ پوليس آفيسر ڊاڪٽر رضوان منهنجي خلاف رپورٽ ڏني ته آئون منشيات فروشن جو سهولتڪار آهيان، منهنجي ڀاءَ خلاف هڪ به ڪيس داخل نه آهي.

هن چيو ته جولائي 2017ع ۾ ايم پي چونڊجڻ بعد مون پاڻ ايس پي جمشيد ڊاڪٽر رضوان سان شڪايت ڪئي هئي، ان کانسواءِ ان وقت جي ايڊيشنل آءِ جي ۽ گهرو وزير کي به شڪايت ڪئي هئي، ته منهنجي تڪ ۾ منشيات  وڪري جون سرگرميون وڌي ويون آهن، ان کانسواءِ مون هڪ نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جي شڪايت ڪئي، اهو ئي منهنجو ڏوهه آهي.

صوبائي وزير چيو ته منهنجي خلاف رپورٽ ٺاهيندڙ پوليس آفيسر هينئر گوجرانوالا ۾ مقرر آهي، اتان جي عوام کي اپيل اهي ته هو هن آفيسر کان پنهنجو خيال ڪن.

هن چيو ته مون تي الزام هڻندڙ علي زيدي سچو آهي ته مون سان گڏ ميڊيا تي ويهي يا سامهون ويهي ڳالهائي ته خبر پئجي ويندي ڪير سچو ڪير ڪوڙو آهي، حبيب جان جو انٽرويو علي زيدي جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آئي ٽن ماڻهن جي ڪميٽي جوڙي ان کي ٽاسڪ ڏنو ته امن ڪميٽي کي شامل ڪرايو، ان ڪيمٽي ۾ علي زيدي، عمران اسماعيل ۽ عارف علوي شامل هئا، ان ڪميٽي جون امن ڪميٽي سان گڏجاڻين جا ثبوت به آهن، هڪ گڏجاڻي عارف علوي جي گهر به شايد ٿي هئي، گورنر ٽي وي تي ڪلمو پڙهي چئي ته هن سان امن ڪميٽي جي نمائندن ملاقات نه ڪئي هئي، 2011 واري پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي آندو ويو ان وقت ايم ڪيو ايم جي ماڻهن عمران اسماعيل سان ملاقاتون ڪيون.

ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.