بلاول کي تحريڪ انصاف طرفان ڪرپشن تي جواب جو انتظار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون کي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کان مالم جبا، پشاور بي آر ٽي، فارن فنڊنگ، اٽي، کنڊ، پيٽرول، پي آءِ اي ۽ بلين ٽري منصوبي ۾ ڪرپشن جا جواب گهرجن.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته منهنجي پريس ڪانفرنس کي 4 ڏينهن گذري ويا پر پي ٽي آءِ اڃا تائين جواب ناهي ڏنو.

واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي 3 چئلينج ڏنا آهن ته قومي اسيمبلي يا ٽي وي تي مناظرو ڪيو، اين آءِ سي وي ڊي جهڙي اسپتال سڄي ملڪ ۾ ڪٿي ڏيکاريو ۽ خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ جي ڀيٽ سنڌ سان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.