ايڪنڪ اجلاس ۾ 289 ارب رپين جي چئن ميگا منصوبن جي منظوري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايڪنڪ اجلاس ۾ 289 ارب رپين جي چئن ميگا منصوبن جي منظوري ڏني وئي.

ايڪنڪ جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ حيدرآباد سکر موٽر وي لاءِ 166 ارب رپين جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته هوشاب، آواران، خضدار (ايم 8) لاءِ 26 ارب رپين جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ سوات موٽر وي فيز 2 لاءِ فيڊرل پي ايس ڊي پي مان 20 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي.

پڌرائيءَ موجب ايڪنڪ اجلاس ۾ خيبر پاس اڪنامڪ ڪوريڊور جي به منظوري ڏني وئي، جنهن جي لاڳت 78 ارب رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.