بجلي جي گهرج ۽ پهچ بابت وفاقي حڪومت جو تجويز ڪيل 25 سالن جو پلان رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صوبن وفاقي حڪومت طرفان بجلي جي گهرج ۽ پهچ بابت 25 سالن جو تجويز ڪيل جنريشن ڪيسسٽي پلان رد ڪري ڇڏيو.

نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اسلام آباد ۾ پاور ڊويزن جي ذيلي اداري اين ٽي ڊي سي طرفان 2047 تائين تيار ڪيل بجلي جي پيداواري واڌ پالن تي ٻڌڻي ڪئي.

ان دوران اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پاور سيڪٽر ملڪي معيشت کي کڻي به سگهي ٿو ۽ ويهاري به سگهي ٿو، سستي بجلي حاصل ڪرڻ چئلينج آهي، پنجاب ۽ بلوچستان جي نمائندن ڊگهي مدي لاءِ منريشن پلان بدران وچين ۽ ننڍي مدي لاءِ پلان ٺاهڻ جو چيو.

ٻڌڻي دوران سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي متبادل ذريعن سان بجلي جي پيداوار جي 78 مان رڳو هڪ منصوبو شامل ڪيو ويو، جڏهن ته 70 سيڪڙو بجلي منصوبا ڪڍيا ويا.

سندس چوڻ هو ته اين ٽي ڊي سي جي تجويز ڪيل پلان ۾ 2047 تائين بجلي پيداوار هڪ لک 48 هزار ميگا واٽ تائين لڳائي وئي آهي پر سنڌ اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻندو.

دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيپرا سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي، اين ٽي ڊي سي ۽ نيپرا ماهرن تي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جيڪا آگسٽ جي وچ ۾ رپورٽ پيش ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.