آنڌاري، کنوڻ، گجگوڙ، مينهن…! ڪراچي واسي تيار ٿي وڃن

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چوماسيءَ جي ٻئي اسپيل ۾ اڄ رات يا سڀاڻي صبح کان ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ مينهن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عرب سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ رڻ ڪڇ جي ڀرسان موجود آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائن جي معطلي ۽ ٻوسٽ هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب سانوڻي جي ٻئي اسپيل ۾ اڄ رات يا سڀاڻي صبح ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جيڪا سڀاڻي منجهند تائين وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿي.

هن ٻڌايو ته برسات کان اڳ ڪراچي ۾ آنڌاري اچي سگهي، جنهن جي رفتار 50 کان 60 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هوندي، جڏهن ته شهر ۾ 20 کان 30 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي ۽ برسات جو اهو سلسلو جمعي ۽ ڇنڇر جي وچين شام ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.