ڪنهن سرڪاري اداري ۾ وزيرن جي سفارش برداشت نه ڪبي: سپريم ڪورٽ جو کتو جواب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪنهن سرڪاري اداري ۾ وزيرن جي سفارش برداشت نه ڪنداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ خيبرپختونخواهه جي ملازمن بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. عدالت 294 استادن ۽ ٻئي تعليمي عملي جي برطرفي خلاف اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن سرڪاري اداري ۾ وزيرن جي سفارش برداشت نه ڪنداسين، ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڪي پي جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي جنهن ۾ ڪرپشن عروج تي آهي ۽ گهوسٽ ملازمن سان ڀريل آهي، سموريون ڀرتيون سياسي آهن يا وري آفيسرن پنهنجا مائٽ ڀرتي ڪيا، لڳي ٿو ته سڄو ڪي پي رڳو سرڪاري ملازمت ئي ڪندو آهي، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي آفيسرن کي شرم نٿو اچي، ڪو به ملازم قانون جي موجڀ ڀرتي ناهي ڪيو ويو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڀرتين ۾ وزيرن جو ڪم ڪيو آهي؟ مزدورن جو پيسو سياسي رشوت جي طور تي اڇلايو ويندو آهي.

چيف جسٽس ورڪرز ويلفيئر بورڊ ٽوڙي ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته سمورن آفيسرن کي فارغ ڪرنداسين، وڏيون وڏيون پگهارون کڻندڙن اداري ۾ ڪا به بهتري ناهي آندي، بورڊ ۾ مزدورن جو پيسو آهي ان ڪري حڪومت دلچسپي نٿي وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.