آئل ٽينڪرز جو سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان، پيٽرول جي کوٽ جو خدشو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن تيل جي سپلاءِ بند ڪرڻ سان گڏوگڏ سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪري ڇڏي جنهن جي ڪري 48 ڪلاڪن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

آل پاڪستان آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن جي سينيئر وائر  چيئرمين شمس شاهواڻي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ تيل جي سپلاءِ نه ٿيندي حڪومت اسان جي مطالبن تي غور ڪري جڏهن ته اسان جا مطالبا منظور ٿيڻ تائين سپلاءِ بند رهندي.

شمس شاهواڻي چيو ته 48 ڪلاڪن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿي ويندي، پر اسان مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون، اسان حڪومت کان هر هر مطالبو ڪيو پر حڪومت اسان جي نه ٻڌي ۽ اسان تنگ ٿي احتجاج جو فيصلو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.