مغوي جي بازيابي ۾ ناڪامي تي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي اسلام آباد تي 20 لک ڏنڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مغوي شهري جي عدم بازيابي تي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي اسلام آباد سميت ٻين آفيسرن تي 20-20 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني وفاقي راڄڌاني جي شهري سلمان فاروقي جي اغوا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ناقص جاچ ۽ شهري جي عدم بازيابي تي آءِ جي اسلام آباد پوليس، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ايس پي انويسٽي گيشن ۽ ايس اڇ او ٿاڻي لوئي ڀير تي 20-20 لک رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.

عدالت آءِ جي، ايس پي انويسٽي گيشن ۽ ايس ايڇ او جي خلاف محمڪاڻي ڪارروائي جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

هاءِ ڪورٽ شهري جي عدم بازيابي تي اسلام آباد پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي مغوي کي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته سيف سٽي ڪيمرائن سان عورتن جون تصويرون پوليس کي ڏاڍيون واضح نظر اينديون آهن، توهان پنهنجي دوستن کي واٽس ايپ به ڪندا آهيو، پر شهري جي اغوا واري سي سي ٽي فوٽيج توهان کي سيف سٽي جي ڪيميرائن مان نٿي ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.