محرم ۾ زائرين ايران ڪيئن ويندا؟ عائشا فاروقي جي اهم ڳالهه ٻولهه

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشا فاروقي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وبا پکڙيل آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي محرم الحرام ۾ زائرين جي ايران وڃڻ جي سلسلي ۾ مذهبي معاملن واري وزارت حڪمت عملي جوڙي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي عائشا فاروقي چيو ته زائرين جي ايران وڃڻ جي حوالي سان ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ايس او پيز کي نظر ۾ رکيو ويندو.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ظلم جاري آهي، پاڪستان ڀارتي ظلمن کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪيو آهي، غير ڪشميرين کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ والاريل ڪشمير ۾ مقامي آبادي جي شرح ۾ تبديلي جي ڀارتي ڪوششن جو ٻيو مرحلو آهي.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا سان ٻارن جي حوالگي جي حوالي سان معاهدو ٿيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان امن عمل جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان حوالي سان سهولتڪاري جاري رکندو.

عائشا فاروقي موجب 2010 کان پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جو معاهدو آهي، جنهن تحت اسان تي ڪجهه ذميواريون آهن، تنهن ڪري افغان ٽرڪون پاڪستاني سرحد مان گذري اڳتي وينديون.

پرڏيهي ترجمان چيو ته اسان چاهه بهار مان ڀارت جي عليحدگي جون رپورٽون ڏٺيون آهن، ٻن ملڪن جي اندرين معاملن تي تبصرو نٿا ڪيون، خطي جي امن ۾ رنڊڪ ڀارت ئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.