اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڏاوت ڪيس ۾ نيول چيف کان جواب طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول ڊيم جي ڪناري تي پاڪستان نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت جي خلاف درخواست تي ايف آف نيول اسٽاف کان جواب طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله راول ڊيم جي ڪناري پاڪستان نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

هاءِ ڪورٽ ڪيپٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪري 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو ته سي ڊي اي عدالت کي آگاهه ڪري ته ڪهڙي اٿارٽي جي تحت جاءِ الاٽ ڪئي وئي.

عدالت چيف آف نيول اسٽاف کي به نوٽيس جاري ڪري لکت ۾ جواب جع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت اٽارني جنرل کي به 23 جولاءِ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي چيو ته هي هڪ اهم نوعيت جو ڪيس آهي، اٽارني جنرل ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جو سهڪار ڪري.

درخواستگذار چيو ته خبرن جي ذريعي خبر پئي ته پاڪستنا نيوي کي جاءِ الاٽ ڪئي وئي، راول ڊيم جي ڪناري بڻيل نيوي ڪلب جون تصويرون به درخواست سان هنيون آهن.

عدالت درخواستگذار جي نيول فارمز ڪيس جي رٽ ۾ نيوي ڪلب جون ترميون شامل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.