عدالت نيب کي شهباز شريف جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي درخواست واري عبوري ضمانت منظور ڪندي قومي احتساب بيورو (نيب) کي انهن کي 23 جولاءِ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت عاليه ۾ جسٽس مسعود عابد نقوي ۽ جسٽس سردار احمد نعيم تي ٻڌل بينچ شهباز شريف جي ضمانت جي عبوري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران شهباز شريف سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ۽ عطا تارڙ به هاءِ ڪورٽ پهتا ۽ شهباز شريف جي وڪلين جي عدم موجودگي جي ڪري عبوري ضمانت ۾ واڌ جي اپيل ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ اعظم نذير تارڙ ايڊووڪيٽ اسلام آباد ۾ مصروف آهي، هن جي مصروفيتن جي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

ان موقعي تي نيب فريادي جو چوڻ هو ته چيف جسٽس پاڪستان نيب ڪيس جلد نه اُڪلائڻ تي پاڻمرادو نوتيس وٺي رکيو آهي.

ٻڌڻي دوران شهباز شريف پاڻ روسٽرم تي اچي ويو ۽ بيان ڏنو ته ڊاڪٽرن جي مشوري خلاف عدالت جي احترام خاطر عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان.

سندس چوڻ هو ته مختلف فورمز تي منهنجي بيماري کي سياسي رنگ ڏنو ويو آهي.

جسٽس مسعود عابد نقوي هن کان پڇاڻو ڪيو ته عدالت جي آخري آرڊر جي موجب توهان کي حاضري کان ڇوٽ به ڏني وئي هئي، جنهن تي شهباز شريف جواب ڏنو ته نيب اختيارين آخري ڀيرو پيشي ۾ قبول به ڪيو هو ته هن جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي.

بعد ۾ عدالت شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ ڪندي نيب کي شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.