حڪومت جو احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام 144 کان وڌائي 203 ارب رپيا ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) غربت جي خاتمي واري پروگرام بابت وزير اعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٻڌايو آهي ته حڪومت ڪووڊ-19 جي سلسلي ۾ شروع ڪيل احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي 1 کرب 44 ارب رپين کان وڌائي 2 کرب 3 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمنٽ ۾ سڌُ سماءَ واري وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو دائزو وڌائڻ سان هاڻ هڪ ڪروڙ 69 لک گهراڻا ان مان فائدو کڻي سگهندا.

سندس چوڻ هو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پروگرام آهي جنهن کي پاڪستان جي لڳ ڀڳ اڌ کان وڌيڪ آبادي مان فائدو کڻندا.

هن چيو ته ان پروگرام کي عالمي سطح تي به گهڻي پذيرائي حاصل آهي ۽ ترقي ياته ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ کي اِهو اعزاز حاصل آهي ته اسان سڀ کان بروقت، سڀ کان تيز، سڀ کان شفاف ۽ سڀ کان منظم طريقي سان سڀ کان وڏو سماجي تحفظ وارو پروگرام شروع ڪيو.

ثانيه نشتر چيو ته رقم جي پهچ جاري آهي جيستائين سمورن هڪ ڪروڙ 69 لک ماڻهن کي رقم منتقل ناهي ڪئي ويندي ان وقت تائين اِهو سلسلو جاري رهندو.

هن ٻڌايو ته هي بلڪل اصولن تي بنياد ۽ ڊيٽا تي ٻڌل پاڻمرادو پروگرام هو جنهن ۾ وزير اعظم پاڪستان کي به ڪنهن ڦيرڦار جو اختيار نه هو.

خاص مددگار چيو ته هن وقت پروگرام ۾ شفافيت کي خاص طور واضح رکيو ويو هڪ انفارميشن پورٽل جاري ڪيو ۽ ان تي صوبن، ضلعن ۽ تحصيلن جي سطح تي ورهايل رقم، ڪڍيل رقم ۽ باقي موجوده رقم تائين جي تفصيل ڏسي سگهجي ٿي ۽ سموريون ادائيگيون بائيو ميٽرڪ تصديق کان پوءِ ڪيون پيون وڃن.

سندس چوڻ هو ته ان ڳالهه جو ثبوت اِهو آهي ته 2017ع واري آدم شماري موجب سنڌ صوبي جي آبادي ۾ حصو 22.45 سيڪڙو آهي پر سنڌ سڀ کان وڌيڪ احساس پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهي آهي ۽ پروگرام ۾ ان جو حصو 31 سيڪڙو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آدم شماري موجب آبادي ۾ 51 سيڪڙو حصو پنجاب جو آهي پر احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ ان جو حصو 43 سيڪڙو آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه مستحق خاندان اهڙا آهن جنهن ۾ سربراهه جي وفات ٿي وئي آهي ۽ اهڙن خاندانن ۾ جيڪڏهن احساس پروگرام جو ميسيج مليو آهي ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ به طريقيڪار واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽر ثانيه نشتر جو چوڻهو ته هان اسان جو فائنل پورٽل جاري ٿي ويو آهي جنهن ۾ پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر وجهي پنهنجي درخواست جو نتيجو به ڏسي سگهن ٿا ڇو ته ڪيترائي مستحق ماڻهو اهڙا آهن جنهن هن وقت تائين پنهنجي رقم وصول ناهي ڪئي اُهي رقم جي وصولي جي تفصيل ڄاڻي ڪيش حاصل ڪري سگهن ٿا.

اڏاوتي صنعت جي حوالي سان اعليٰ سطح اجلاس:

ٻئي پاسي شبلي فراز چيو ته حڪومت عوام جون ڏکيائيون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڏاوتي صنعت لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو هو جيئن ان سان سلهاڙيل معيشت جا ڪيترائي شعبا بحالي ڏانهن گامزن ٿي وڃن.

هن ٻڌايو ته وزير اعظم هائوس ۾ اڏاوتي صنعت جي لاءِ ڪيل مراعتن ۽ پيڪيج جي حوالي سان آيل ڏکيائين جو جائزو وٺڻ ۽ ان تي قابل قدر تجويزون حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزير اعظم جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جهن ۾ ملڪ جي نالي وارن بلڊرز ۽ سيڙپڪارن شرڪت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ سمورن مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڪيتريون قدر جوڳيون تجويزون مليون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.