ٻٽي شهريت تي نااهليءَ جي درخواست، فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن طلب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهليءَ جي درخواست 20 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتي.

قادر خان مندوخيل ايڊووڪيٽ ۽ ٻين فيصل واوڊا خلاف ٻٽي شهريت لڪائڻ تي سندس نااهليءَ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن کي هاڻ اليڪشن ڪميشن 20 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا ۽ درخواست گذارن کي به 20 جولاءِ تي گهرايو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا کي ذاتي طور يا وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته فيصل واوڊا عام چونڊن ۾ اين اي 249 تان ڪاميابي ماڻي هئي.

هلندڙ سال جنوري ۾ صحافي فخر دراني پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته فيصل واوڊا عام چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت کي لڪايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.