وڌيڪ هوشياري اسٽيل ملز انتظاميا کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي: چيف جسٽس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته اسٽيل ملز انتظاميا طرفان ٺاهيل منصوبو رڳو تباهي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ اسٽيل ملز ملازمن جي ترقين بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٿي.

چيف جسٽس اسٽيل ملز انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽيل ملز جي حوالي سان ٺاهيل منصوبو رڳو تباهي آهي، وڌيڪ هوشياري اسٽيل ملز انتظاميا کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي.

هن ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان اسٽيل ملز سڀني ملازمن کي نٿي ڪڍي سگهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪابينا اسٽيل ملز جي سڀني ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ملازمن کي ائين ڪڍيو ويو ته 5 هزار ڪيس بڻجي ويندا، ائين ٿيو ته اسٽيل ملز چَٽ ٿي ويندي.

اسٽيل ملز جي وڪيل نئير رضوي چيو ته ملازمن جي برطرفي لاءِ 40 ارب گهربل هوندا، اسٽيل ملز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلايو ويندو.

چيف جسٽس چيو ائين نه ٿئي ته انتظاميا کي برطرف ڪيل ملازم ئي ٻيهر رکڻا پون، جنهن تي وڪيل چيو ته انڊسٽريل رليشن قانون جي شق 11 وچ ۾ ايندي.

چيف جسٽس چيو ته قانون توهان جي وچ ۾ نه پر سمورو اڳيان ايندو.

سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کان اسٽيل ملز بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.