خيرپور: مبينا اغوا ڄاڻايل ناري طرفان ساهرن سميت تحفظ جي اپيل

عوامي آواز رپورٽ
خيرپور: مبينا اغوا ڄاڻايل ناري طرفان ساهرن سميت تحفظ جي اپيل
عوامي آواز رپورٽخيرپور: مبينا اغوا ڄاڻايل ناري طرفان ساهرن سميت تحفظ جي اپيل

خيرپور جي مبينا اغوا ڄاڻايل ناريءَ ساهرن سميت تحفظ جي اپيل ڪئي آهي.

ناري حفيظان، سهري ثناءُ الله اڄڻ، ڏير ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 11 مهينا اڳ منهنجي والد رضا خوشيءَ سان سئوٽ ذڪاءُ الله اڄڻ سان شادي ڪرائي هئي، پر هاڻ لالچ ۾ طلاقت وٺرائڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته والد هدايت الله لالچي ۽ وياجي قسم جو ماڻهو آهي، جيڪو ڪڏهن فوجي، ڪڏهن صحافي ته ڪڏهن اين جي اوز جو اڳواڻ سڏائي ماڻهن سان ٺڳيون ڪندو آهي.

ناري جي سهري چيو ته ڀاءُ هدايت الله لالچ ۾ سندن ويري بڻجي ويو آهي، جيڪو ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي پئي، تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.