شھدادڪوٽ: ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
شھدادڪوٽ: ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽشھدادڪوٽ: ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ مٺو خان مستوئي جي رھواسي سونھارو، زاھدان، حسين بخش مستوئي ۽ ٻين دانھيو ته ٽي ھفتا اڳ بي سيڪشن پوليس پاران بلاجواز اربيلو مستوئي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن بابت ڪجهه نه پيو ٻڌايو وڃي.

هنن چيو ته نوجوان بابت پڇا ڪرڻ تي پوليس کين ڌمڪيون ڏئي موٽائي ڇڏي ٿي، خدشو آهي ته اربيلو کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو نه وڃي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ناحق گرفتار ڪيل اربيلو مستوئي واري معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي………………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.