شھدادڪوٽ: ايس ٽي پي پاران اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
شھدادڪوٽ: ايس ٽي پي پاران اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽشھدادڪوٽ: ايس ٽي پي پاران اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

زاھد مگسي، شبير، فاروق سومرو، داد محمد کنڊ ۽ ٻين چيو  ته ٽي لک آبادي واري شھر ۾ صرف هڪڙي سرڪاري اسپتال آھي جتي  صحت جون ڪي به خاص سهولتون موجود ناهن.

ھنن چيو ته سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري مريضن جي صحيح نموني چڪاس به نه ٿي ٿئي.

اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته صحت جون سموريون سھولتون فراھم ڪري غريب مريضن کي تڪليف کان بچايو وڃي……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.