بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊيشڊنگ ۽ ٻٽي عذاب ۾ مبتلا شهري

عتيق ملاح

بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ته هر حڪمران ڪندو آيو آهي، پر پاڪستان ۾ بجلي جو بحران حل ٿيندي نظر نٿو اچي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام هن سخت گرمي ۾ ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي، ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي. بجلي جي بندش جي دانهن سنڌ ۾ ته تمام گهڻي آهي، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن جي بجلي ڪيترن ئي ڏينهن تائين بند ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ به معمول بڻيل آهي، سڄي سنڌ ۾ حيسڪو سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين احتجاج جو سلسلو پڻ جاري آهي.

بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي حوالي سان سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جو به ٻين ننڍن وڏن شهرن جيان ساڳيو ئي آهي، حيدرآباد جي اڪثر علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشينڊگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ وارو مسئلو الڳ آهي، حيدرآباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته بجلي نه هئڻ جي برابر آهي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهينا گذرڻ باوجود سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نٿا ڪيا وڃن، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جو بار پڻ ٻهراڙي جي علائقن تي وڌيڪ وڌو وڃي ٿو.

حيدرآباد جا شهري ٻين شهرن جي شهرين جيان بجلي جي لوڊيشيڊنگ خلاف رستن تي نڪري احتجاج ڪندا رهن ٿا، ڪو ڏينهن ناهي جنهن ڏينهن تي حيدرآباد جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي جا رهواسي حيسڪو خلاف احتجاج ڪندي نظر نه اچن، عام طور تي ٿيندڙ احتجاجن دوران روڊ کولرائڻ لاءِ پهتل پوليس سان احتجاج ڪندڙن جون چڪريون به ٿينديون رهن ٿيون.

حيدرآباد ۾ بجلي جو درهم برهم بڻيل نظام درست ناهي ٿي سگهيو، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سان گڏ حيسڪو پاران مختلف علائقن ۾ بجلي جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته بجلي جي بندش سبب سخت گرمي ۾ معصوم ٻار، عورتون توڙي پيرسن بيحال بڻجي ويا آهن، جڏهن ته علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته هڪ طرف بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ آهي ته ٻئي طرف وولٽيج جو مسئلو پڻ رهي ٿو، بجلي گهٽ هجڻ ڪري شهرين جا لکين روپين جا فرج، اي سيز ۽ ٻيون اليڪٽرانڪس جون شيون سڙي وڃن ٿيون، جنهن ڪري شهرين کي وڏو مالي نقصان پڻ ٿيندو رهي ٿو، بجلي جا وولٽيج گهٽ هجڻ ڪري پکا به نٿا هلن.

حيسڪو پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ڊڊيڪشن بلن موڪلڻ ۽ شهرين کي صاف پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي سبب حيدرآباد جا شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هڪ طرف حيسڪو پاران مرمتي ڪمن جي آڙ ۾ جاري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سخت گرمي دوران شهرين جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف خانگي ماڻهن وسيلي سڙيل ٽرانسفارمرن جي تبديلي جي آڙ ۾ هزارين روپيا رشوت ورتي وڃي ٿي ۽ غير قانوني ۽ غير اخلاقي لکين روپين جا ڊڊيڪشن بل صارفين ڏانهن موڪلي ان جي خاتمي لاءِ هزارين روپيا رشوت وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد جا شهري گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ حيسڪو عملدارن جي چور بازاري تي احتجاج ڪري رهيا آهن، پر حيدرآباد مان چونڊيل ۽ قومي اسيمبلي ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ حيدرآباد جو عوام حيسڪو عملدارن جي زيادتي سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.