هن حڪومت کي آڻيندڙ به ان ڏوهه جا ذميوار آهن…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نااهل شخص کي قوم تي مڙهيو ويو جنهن سان ملڪ جي معيشت ويهي وئي.

مرحوم مفتي نعيم جي تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هوته مخالف ڌر ان ڳالهه تي متفق آهي ته حڪومت وڃڻ گهرجي، هن حڪومت کي آڻيندڙ به ان ڏوهه جا ذميوار آهن، ملڪ جي معيشت ويهي وئي آهي نااهل کي قوم تي مڙهيو ويو، آئون ته اِهو چوندس ته هنن کي ڇو آندو ويو؟ چوڌري شجاعت اسان سان ڳالهين ۾ چيو هو ته مارچ ۾ تبديلي ايندي، چوڌري شجاعت ٻڌائي ته هو ڪٿي وڃي لڪي ويٺو آهي ۽ اِهو به ٻڌائي ته هن جي واعدي جو ڇا ٿيو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪجهه ماڻهو آصف علي زرداري کي فوتي قرار ڏئي چڪا هئا پر هو صحتمند آهي، اڳوڻي جي خواهش ۽ هن جي دعوت تي ساڻس ملاقات ڪئي، ارڙهين ترميم تي آصف زرداري جو موقف واضح آهي، سندس چوڻ هو ته هن جي پارٽي آئين پاڪستان کي هن جي اصل روح موجب لاڳو ڪيو، قومي مالياتي وسيلن جي ورڇ جي معاملن تي واضح موقف آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ اڄ به ٿي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف جاءِ جاءِ تي احتجاج پيا ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.