حڪومت جو عوام کي آسان قسطن تي قرض ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آٻاد(ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت وزير اعظم جي صلاحڪار حفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته حڪومت ماڻهن کي آسان قسطن تي قرض فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ معاشي ۽ اقتصادي ٿنڪ ٽينڪ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ، ادارن جي سڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ واپاري واري وزير اعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود کان سواءِ شوڪت ترين، سلطان الانا ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.

شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزير اعظم سڄي ملڪ ۾ ڪورنا وائرس جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اقتصادي ترقي جو موثر حل ڳولهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

هن ٿنڪ ٽينڪ طرفان بينڪاري ۽ ماليات واري شعبي ۽ احساسن پروگرام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ننڍن ۽ وچين درجي جي صنعتن کي سهولتن جي فراهمي بابت تجويزن کي ساراهيو.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ معاشي نمو لاءِ آئوٽ آف دي باڪس حل جي ضرورت آهي، ڪورونا وائرس عالمي معيشت سان گڏوگڏ پاڪستان تي به ناڪاري اثر وڌا آهن، حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي معيشت ۽ عوام کي ڪورونا کان بچائڻ جو توازن برقرار رکڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي.

هن چيو ته معاشري جي غريب طبقي کي ٽارگٽڊ سبسڊي جي ذريعي امداد فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، احساس پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت جو فليگ شپ پروگرام آهي جنهن جي وڌيڪ مستحقن تائين واڌ جي ضرورت آهي.

اڏاوت واري شعبي جي حوالي سان وزير اعظم جو چوڻ هو ته اڏاوت ۽ رهائش جي شعبي لاءِ هڪ بهترين پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو مقصد روزگار جا موقعا ۽ معيشت جي ڦيٿي کي هلائڻ آهي ۽ غريبن لاءِ سستي رهائش جي موقعن ۾ واڌ ڪرڻ آهي.

حفيظ شيخ جون ميڊيا سان ڳالهيون:

اجلاس کان پوءِ ناڻي واري صلاحڪار حفيظ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٿنڪ ٽينڪ جو مقصد مختلف شعبن جي ماهرن سان گڏجي معيشت ۾ بهتري جا بندوبست ڪرڻ آهي.

حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته اڄ بينڪنگ ۽ فنانس سيڪٽر کي ڏٺو يوو جڏهن ته ماڻهن کي آسان قسطن تي قرض فراهم ڪرڻ ۽ سبسڊيز کي بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻهو ته اڏاوتي شعبي ۾ ماڻهن کي مراعتون ڏيڻ واري فيصلي کي عملي صورت ڏني ويندي، وزير اعظم ضرورتمندن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.