حبيب جان  جي الزامن تي  رحمان ملڪ جو رد عمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گھرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته حبيب  جان جي دعويٰ رد ڪريان ٿو، سندس الزام ڪوڙا آهن.

پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ عزير بلوچ جي ساٿي حبيب جان جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته حقيقتون عوام کي خبر آهن ۽ رڪارڊ گھرو وزارت ۾ موجود آهي.

هن چيو ته حبيب  جان پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تي پ پ کان ناراض هو، ٽڪيٽ نه ملڻ تي  حبيب جان عزير بلوچ سان ملي ويو ۽ پوءِ برطانيا هليو ويو.

پ پ اڳواڻ چيو ته سڄي زندگي ۾ ڪڏهن به عزير بلوچ سان ناهيان مليو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عزير بلوچ کي ڪڏهن به ڪنهن به قسم جون مراعتون ناهن ڏنيون.

سندس چوڻ هو ته عزير بلوچ کي حمايت حاصل هجي ها ته زرداري هن خلاف ڪارروائي جي منظوري ڪيئن ڏئي ها، آصف زرداري جي خلاف ڪوڙي پروپيگينڊا رڳو سياسي مخالفت ۾ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.