پاڪستان ۾ في تولي سون جو اگهه 1 لک 9 هزار 100 رپيا ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هڪ تولي سون جا اگهه نين بلندين تي پهچي ويا جڏهن ته ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي.

سون جي في تولي قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ ٿي. سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ هڪ تولي سون جي قيمت 1 لک 9 هزار 100 رپين تي پهچي وئي.

10 گرام سون جي قيمت 686 رپيا واڌ سان 93536 رپين تي اچي وئي جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 12 ڊالر واڌ سان 114 ڊالر في اونس آهي.

ٻئي پاسي انٽر بينڪ ۾ ڊالر 18 پيسا سستو ٿيو آهي، واپار جي پڄاڻي تي انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو قدر 166.58 رپيا رهيو.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 60 پيسا گهٽ ٿي 167.10 رپيا ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.