عمر ايوب جو ڪي اليڪٽرڪ سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت تي به ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ مينهن دوران ڪرنٽ لڳڻ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي ته پوءِ ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت تي به ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب قومي اسميبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ جيڪي شيون سامهون آيون آهن انهن سڀني جي حوالي سان مون حقيقتن تي ڳالهيون ڪيون هيون.

عمر ايوب چيو ته عمر ايوب به ٻڌايو ته جنهن وقت ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري ٿي ان وقت صوبي ۽ وفاق ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، ٻي حڪومت پاڪستان مسلم ليگ ن جي آئي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ بجلي جي پيداواري صلاحيت کي هڪ سائيڊ تي رکيو ويو، بجلي جي ترسيل يا ڪو اهڙو نقطو کڻيو جتي نيشل گرڊ کان بجلي وٺڻي هئي، ان شئي تي اسان فيصلا ڪرايا هنن کي مجبور ڪيو ته هنن کي پنهنجو نظام بڻائڻو آهي ته هو نيشنل گرڊ کان بجلي وٺي سگهن ڇو ته ڪراچي اسان جو پنهنجو شهر آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته اسان ڪراچي مان سيٽون حاصل ڪيون، ماڻهن اسان جي جماعت کي اڪثريت سان چونڊيو ۽ اڳتي لاءِ اسان اُتي وينداسين ۽ پوءِ چونڊجي اينداسين.

عمر ايوب چيو ته مسئلو اِهو آهي ته چيو ويندو آهي ته شئي سياست آهي، پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي اونداهه نظر پيو اچي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي خاص هوندي، اسان کي ان مسئلن کي حل ڪرڻ آهي ۽ هي اُتي بيهڻ جي به لائق نه هوندا.

توانائي واري وزير چيو ته مسئلو اِهو آهي ته اُتي ٻين سروسز جو فقدان گهڻو آهي، آئون وري چوان ٿو ته ڪراچي اسان جو پنهنجو شهر آهي، ڪراچي کي 30 ايم ايم سي  ڊي گيس ٻين جاين تان ڏنو ويندو جنهن سان وڌيڪ 200 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي.

هن چيو ته ان کان سواءِ ڪراچي کي الڳ 100 ايم اي سي ايف ڊي ڏئي رهيا آهيون جڏهن پر 180 تائين هليا ويا آهيون ۽ 100 ميگا واٽ به نيشنل گرڊ مان ڏئي رهيا آهيون.

عمر ايوب چيو ته گذريل حڪومتن نيشنل گرڊ مان بجلي پهچائڻ جو نظام بڻائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو، ان جو حل اسان هاڻ ڪڍي رهيا آهيون ۽ ان جي مستقل حل تي عملدرآمد شروع ڪري رهيا آهيون، اربين رپين جي منصوبن تي عملدرآمد ٿيندو جوهري پاور پلانٽ، نيشنل گرڊ سان بجلي فراهم ڪئي ويندي ڇو ته ڪراچي جو شهر هلندو، اوتي جي صنعت هلي ته سڄو ملڪ هلندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي ۾ چوماسي جي مينهن دوران ڪرنٽ لڳڻ جي حادثن جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي پر پاڻي گڏ ٿيڻ جي ڪري ان ۾ ارٿ اچي ويندو آهي جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ ئي سنڌ حڪومت جي خلاف به ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.