حڪومتي ميمبرن کي غير ذميواراڻو رويو ترڪ ڪرڻ گهرجي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومتي ميمبرن کي پنهنجو غير ذميواراڻو رويو ترڪ ڪرڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ ميمبرن لوڊشيڊنگ جي اهم مسئلي جي نشاندهي ڪئي.

راجا پرويز اشرف چيو ته مخالف ڌر جو ڪم آهي حڪومت کان سوال ڪرڻ ۽ ان جي ڪارڪردگي جو پڇڻ، جيڪڏهن ڪو عوامي مسئلو آهي، ڪراچي يا ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪو مسئلو آهي ته ان جي باري ۾ سوال ڪرڻ ئي مخالف ڌر جو بنيادي ڪم آهي.

هن چيو ته اسان تي ايتري ڪاوڙ ۽ جذباتي ٿي ويندا آهن جو عورتن جي عزت ۽ حرمت جو به خيال ناهي رکيو ويندو جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته ايوان جي معزز ميمبرن جي زبان مان نڪرن هر لفظ کي رول ماڊل هئڻ گهرجي اِهو غير ذميواراڻو رويو ترڪ ڪرڻ گهرجي.

راجا پرويز اشرف چيو ته اسد عمر اڄ کان 30 سال پهرين جي تاريخ ٻڌائي، ڇا اسان اڳتي پيا وڃون يا پوئتي مهڙ ڪري مارچ پيا ڪيون؟

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو سڄو بورڊ ڪي اليڪٽرڪ جي ماتحت آهي، نيپرا ۽ توانائي واري وزارت به وفاقي حڪومت جي ماتحت آهن ۽ ان ۾ سنڌ ڪو به ميمبر شامل ناهي ته ڇا هنن (حڪومتي بينچن) کي جواب نه ڏيڻ گهرجي ها پر اِهو جواب ڏنو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جنهن زمين تي آهي اُهو سنڌ صوبو آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي راجا پرويز اشرف چيو ته آئون پڇان ٿو ته ڪالهه اسان جي طرفان ڪنهن جي گهر ۾ ڪو موٽر سائيڪل يا سائيڪل سوار آيو ۽ لفافو ڏئي، هو اِتي ئي ايوان ۾ بيهي توهان جي باري ۾ قصيده گوئي يا شاعري ڪري ته ڪيئن لڳندو، ان شئي جي اجازت نه هئڻ گهرجي اِها ايوان جي توهين آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.