ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر آمهون سامهون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ بجلي جي طويل لوڊشيڊنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر پارٽيون آمهون سامهون اچي ويون ۽ ان دوران هڪ حڪومتي ميمبر طرفان اڻ وڻندڙ لفظن جي استعمال تي عورت ميمبرن احتجاج به ڪيو.

ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ قومي اسميبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن جي وچ ۾ گرما گرمي به ڏٺي وئي.

اجلاس دوران ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي حڪوتم ۾ ڪئي وئي پر لڳي ائين پيو ته ڄڻ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪئي هجي.

اسد عمر ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڳالهائڻ کان اڳ طنزيه انداز ۾ اِهو چيو ته اسان کي اِهو چيو ويو ته پيپلز پارٽي کي حڪومت ڏئي ڇڏيو ته 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪنداسين ڇو ته ظاهر آهي اسان جي 2 سالن ۾ اچڻ کان پهرين ته ڪراچي ۾ ڪڏهن لوڊشيڊنگ ٿيندي ئي نه هئي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مون کي اڄ به ياد آهي ته ڪراچي ۾ ڪو 12 کان 14 ڪلاڪ کان بجلي ويل هئي، سڄي رات سمهي نه سگهيو هيس، صبح تائين جاڳيل هيس ۽ سوچي رهيو هيس ته ڀٽو صاحب خبرناهي ڪري رهيو آهي، هي ملڪ ڪيئن هلائي رهيا آهن، اسان ته لوڊشيڊنگ سبب مري ويا آهيون ۽ جڏهن اسان صبح اٿياسين ته خبر پئي ته هن جي حڪومت ئي هلي وئي آهي.

هن چيو ته اهي ماڻهو ته پاڪستان ۾ 45 سالن کان لوڊ شيڊنگ ڪري رهيا آهن.

ڪي اليڪٽرڪ تي کنيل سوال بابت هن چيو ته اسان کي اِهو ٻڌايو ويو ته اِهي ماڻهو ڊيووس ويندا آهن ڇو ته انهن جي ڳالهين مان ائين پيو لڳي ته ڄڻ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪئي هجي.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ۾ ڪئي وئي، ان کان پوءِ 5 سال پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي ۽ هتي راجا پرويز اشرف موجود آهي اُحو ٻڌائي ته ايتري ڏوهاري تنظيم جڏهن ڪي اليڪٽرڪ کي خريد ڪيو هو ته هنن ان کي ڇو نه پڪڙيو.

پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته ان کان پوءِ مسلم لميگ ن جي حڪومت 5 سال پورا ڪيا ۽ انهن جي دور جو بجلي وارو وزير خواجا آصف به هتي موجود آهي، هن کان سوال پڇنداسين ته مخالف ڌر ميمبر جڏهن پڇي رهيا آهن ته ڪي اليڪٽرڪ جو مالڪ وڏو ڏوهاري آهي ته انهن ڏينهن 5-5 سال ۾ ان تي ڇو ايڪشن نه ورتو.

لوڊشيڊنگ جا سبب ٻڌائيندي اسد عمر چيو ته ڪراچي جي اندر بجلي جي ضرورت وڌندي وئي پر پاڪستان ۾ موجود حڪومتن ڪو به قدم نه کنيو يا ڪراچي ۾ بجلي جي پيداوار وڌائي ويندي يا باقي پاڪستان مان سسٽم حاصل ڪري سگهندا.

اسد عمر چيو ته بجلي جي نظام ۾ جيڪا تبديلي آڻڻي آهي ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي واري ڪميٽي هنگامي اجلاس طلب ڪيا، ڪي اليڪٽرڪ، نيپرا ۽ اين ٽي ڊي سي کي گهرايو ويو ۽ هاڻ هنگامي بنيادن تي معاهدا ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته بجلي جي ورڇ ۽ ترسيل جي نظام ۾ بهتري جي منصوبن تي ريڪارڊ مدي ۾ عملدرآمد ٿيندو ۽ توهان ڏسندا هو اُها ڪراچي جنهن کي حڪومتون چونديون هيون ته ڪراچي اسان جو مسئلو ناهي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت چوي ٿي ته ڪراچي اسان جو آهي، ڪراچي کان سواءِ پاڪستان مڪمل ناهي.

راجا پرويز اشرف:

ان کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ ميمبرن لوڊشيڊنگ جي اهم مسئلي جي نشاندهي ڪئي.

راجا پرويز اشرف چيو ته مخالف ڌر جو ڪم آهي حڪومت کان سوال ڪرڻ ۽ ان جي ڪارڪردگي جو پڇڻ، جيڪڏهن ڪو عوامي مسئلو آهي، ڪراچي يا ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪو مسئلو آهي ته ان جي باري ۾ سوال ڪرڻ ئي مخالف ڌر جو بنيادي ڪم آهي.

هن چيو ته اسان تي ايتري ڪاوڙ ۽ جذباتي ٿي ويندا آهن جو عورتن جي عزت ۽ حرمت جو به خيال ناهي رکيو ويندو جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته ايوان جي معزز ميمبرن جي زبان مان نڪرن هر لفظ کي رول ماڊل هئڻ گهرجي اِهو غير ذميواراڻو رويو ترڪ ڪرڻ گهرجي.

راجا پرويز اشرف چيو ته اسد عمر اڄ کان 30 سال پهرين جي تاريخ ٻڌائي، ڇا اسان اڳتي پيا وڃون يا پوئتي مهڙ ڪري مارچ پيا ڪيون؟

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو سڄو بورڊ ڪي اليڪٽرڪ جي ماتحت آهي، نيپرا ۽ توانائي واري وزارت به وفاقي حڪومت جي ماتحت آهن ۽ ان ۾ سنڌ ڪو به ميمبر شامل ناهي ته ڇا هنن (حڪومتي بينچن) کي جواب نه ڏيڻ گهرجي ها پر اِهو جواب ڏنو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جنهن زمين تي آهي اُهو سنڌ صوبو آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي راجا پرويز اشرف چيو ته آئون پڇان ٿو ته ڪالهه اسان جي طرفان ڪنهن جي گهر ۾ ڪو موٽر سائيڪل يا سائيڪل سوار آيو ۽ لفافو ڏئي، هو اِتي ئي ايوان ۾ بيهي توهان جي باري ۾ قصيده گوئي يا شاعري ڪري ته ڪيئن لڳندو، ان شئي جي اجازت نه هئڻ گهرجي اِها ايوان جي توهين آهي.

عمر ايوب:

هوڏانهن اجلاس سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته ڌيان ڇڪايونوٽيس ۾ جيڪي شيون سامهون آيون آهن انهن سڀني جي حوالي سان مون حقيقتن تي ڳالهيون ڪيون هيون.

عمر ايوب چيو ته اسد عمر به ٻڌايو ته جنهن وقت ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري ٿي ان وقت صوبي ۽ وفاق ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، ٻي حڪومت پاڪستان مسلم ليگ ن جي آئي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ بجلي جي پيداواري صلاحيت کي هڪ سائيڊ تي رکيو ويو، بجلي جي ترسيل يا ڪو اهڙو نقطو کڻيو جتي نيشل گرڊ کان بجلي وٺڻي هئي، ان شئي تي اسان فيصلا ڪرايا هنن کي مجبور ڪيو ته هنن کي پنهنجو نظام بڻائڻو آهي ته هو نيشنل گرڊ کان بجلي وٺي سگهن ڇو ته ڪراچي اسان جو پنهنجو شهر آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته اسان ڪراچي مان سيٽون حاصل ڪيون، ماڻهن اسان جي جماعت کي اڪثريت سان چونڊيو ۽ اڳتي لاءِ اسان اُتي وينداسين ۽ پوءِ چونڊجي اينداسين.

عمر ايوب چيو ته مسئلو اِهو آهي ته چيو ويندو آهي ته شئي سياست آهي، پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي اونداهه نظر پيو اچي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي خاص هوندي، اسان کي ان مسئلن کي حل ڪرڻ آهي ۽ هي اُتي بيهڻ جي به لائق نه هوندا.

توانائي واري وزير چيو ته مسئلو اِهو آهي ته اُتي ٻين سروسز جو فقدان گهڻو آهي، آئون وري چوان ٿو ته ڪراچي اسان جو پنهنجو شهر آهي، ڪراچي کي 30 ايم ايم سي  ڊي گيس ٻين جاين تان ڏنو ويندو جنهن سان وڌيڪ 200 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي.

هن چيو ته ان کان سواءِ ڪراچي کي الڳ 100 ايم اي سي ايف ڊي ڏئي رهيا آهيون جڏهن پر 180 تائين هليا ويا آهيون ۽ 100 ميگا واٽ به نيشنل گرڊ مان ڏئي رهيا آهيون.

عمر ايوب چيو ته گذريل حڪومتن نيشنل گرڊ مان بجلي پهچائڻ جو نظام بڻائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو، ان جو حل اسان هاڻ ڪڍي رهيا آهيون ۽ ان جي مستقل حل تي عملدرآمد شروع ڪري رهيا آهيون، اربين رپين جي منصوبن تي عملدرآمد ٿيندو جوهري پاور پلانٽ، نيشنل گرڊ سان بجلي فراهم ڪئي ويندي ڇو ته ڪراچي جو شهر هلندو، اوتي جي صنعت هلي ته سڄو ملڪ هلندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي ۾ چوماسي جي مينهن دوران ڪرنٽ لڳڻ جي حادثن جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي پر پاڻي گڏ ٿيڻ جي ڪري ان ۾ ارٿ اچي ويندو آهي جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ ئي سنڌ حڪومت جي خلاف به ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي.

ڪي اليڪٽرڪ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي بحث:

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي 5 اسيمبلي ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب ۽ پ پ پ سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي وچ ۾ تلخ جملن جي خيالن ڏي وٺ ٿي.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي ذريعي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن توانائي واري وزارت جو ڌيان ڪي اليڪٽرڪ طرفان غير معمولي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ان حوالي سان فوري ڪارروائي ڪرڻ ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي ناڪامي ڏانهن ڇڪايو.

آغا رفيع الله:

پيپلز پارٽي جي آغا رفيع الله چيو ته وفاقي حڪومت طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي فرنس آئل، گيس ۽ ايستائين جو نيشنل گرڊ مان بجلي جي فراهمي جي باوجود ڪراچي جو عوام هن وقت تائين ڏکيائين جو شڪار آهي.

هن چيو ته اِهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڪي اليڪٽرڪ نجڪاري وقت طئي ڪيل معاهدي موجب بجلي پيدا ڪري رهي آهي يا نه، آئون نٿو ڄاڻان هن لڪ ۾ اصل اختيار ڪنهن وٽ آهن.

آغا رفيع الله چيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڪي اليڪٽرڪ جي سامهون ڌرڻو هنيو آهي، جيڪڏهن صوبي ۾ نيپرا جو ڪو نمائندو صحيح ڪم نٿو ڪري ته ان جي خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بورڊ ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو به نمائندو ناهي ايستائين جو سانگهڙ ۾ منهنجي تڪ ۾ بجلي ناهي، توانائي وارو وزير ٻڌائي ته اِهو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو،

شميم آرا پنهور:

ان دوران اسيمبلي ميمبر شميم آرا پنهور چيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ کي پيپلز پارٽي جي حوالي ڪيو وڃي ته هو 6 مهينن ۾ اِهو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي.

آفتاب صديقي:

ان کان اڳ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي آفتاب صديقي چيو ته هو 10 کان 11 سالن کان ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري اسڪولز، ڪاليجز ۽ صنعتون بند هئڻ جي باوجود ڪراچي جي عوام کي 12 کان 15 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪرنٽ سبب فوت ٿيل 19 ڄڻن جي وارثن کي معاوضو ادا ناهي ڪيو، هن بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ناهي ڪئي، بجلي جي ورڇ جو نظام افسوس جوڳو آهي ته ڪاپر جون تارون وڪڻي ڇڏيو ۽ هاڻ تارن  المونيم استعمال ڪيو پيو وڃي.

اسلم  خان جي بيان تي عورتن ميمبرن جو احتجاج:

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر اسلم خان طرفان اڻ وڻندڙ لفظن جي استعمال تي هن کي فوري هدايت ڪئي ۽ چيو ته عورت ميمبرن جو احترام ڪيو ان سان گڏوگڏ ئي اهڙي ڳالهه ٻولهه نه ڪيو پر مخالف ڌر ميمبر اسلم خان جي ڳالهه تي سخت احتجاج جاري رکيو.

اسلم خان جي لفظن تي پيپلز پارٽي جون عورت ميمبر ڪاوڙجي پيون ۽ پنهنجي سيٽن تي بيهي اسپيڪر ڊائس جي آڏو پهچي ويون.

جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اسلم خان ايوان جي تقدس لاءِ بيهي پنهنجي لفظ واپس وٺي، هن چيو ته اسان کي سڀني عورتن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ آئون سمجهان ٿو ته معذرت ڪندڙ انسان وڏو هوندو آهي.

ڊپٽي اسپيڪر اسيمبلي جي ڪارروائي دوران چيو ته عورت ڀلي حڪومت مان هجي يا مخالف ڌر مان اُها قابل جي لائق آهي.

ان تي اسلم خان چيو ته مون هنن بابت ڪجهه ناهي چيو اسيمبلي عورت ميمبر منهنجون ڀيڻون ۽ ساٿي آهن، مون ڪنهن کي به سڌو سنئون نشانو ناهي بڻايو نه ئي ڪنهن جو نالو کنيو آهي.

اجلاس دوران وفاقي وزير اسد عمر چيو ته آئون سمورن ميمبرن خاص طور تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي چوندس ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ مناسب رکن.

هن چيو ته ڊپٽي سپيڪر لفظن جي چونڊن تي جنهن طرح ايڪشن ورتو اهڙي طرح ايم اين سي جي گهر تي فائرنگ تي به فوري ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

نصيبه چنا ۽ مراد سعيد ۾ جهيڙو:

قومي اسيمبلي ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد خطاب ڪندي چيو ته عزير بلوچ پوليس مقابلي، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ٿاڻن تي حملن جو اعتراف ڪيو.

مراد سعيد موجب عزير بلوچ چيو آهي ته بلاول هائوس ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي هراسان ڪيو ۽ 40 گهر خالي ڪرايا، ڀتو آصف زرداري جي ڀيڻ ڏانهن پيو وڃي.

مراد سعيد چيو ته هڪ دستاويز سامهون آندو آهي جنهن تي نه سنڌ حڪومت ۽ نه علي زيدي جو اعتراض آهي، هڪ جي آءِ ٽي ۾ آهي ته قبضو ڪيو ويو، ٻي جي آءِ ٽي ۾ آهي ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو ويو.

مراد سعيد چيو ته آئون عزير بلوچ جو اعترافي بيان وٺي آيو آهيان جنهن تي ڪنهن کي اعتراض ناهي، آئون ان بيان ۾ پنج سوال بيهاري رهيو آهيان پوءِ انهن کي 2 ڪلاڪ ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان.

وفاقي وزير چيو ته عزير بلوچ جي بيان ۾ آهي ته 2008ع ۾ رحمان ڊڪيت جي مارجڻ کان پوءِ گينگ جي سربراهي ڪئي، عزير بلوچ پوليس مقابلي، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ٿاڻڻ تي حملن جو اعتراف ڪيو.

مراد سعيد ٻڌايو ته عزير بلوچ چوي ٿو ته ٽي پوليس آفيسرن ۽ موبائيل کي قتل لاءِ استعمال ڪيو.

مراد سعيد موجب عزير بلوچ چوي ٿو ته سينيٽر يوسف بلوچ جي چوڻ تي هٿيار ورهايا.

پي ٽي آءِ ميمبر جو چوڻ هو ته عزير بلوچ چوي ٿو ته 14 شگر ملز تي قبضا ڪرايا، بلاول ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي هراسان ڪيو ۽ 40 گهر خالي ڪرايا.

مراد سعيد جي ڳالهه ٻولهه دوران پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر نصيبه چنا مراد سعيد ڏانهن هيڊ فون اڇلائي پر هيڊ فون مراد سعيد کي نه لڳي.

مراد سعيد جي تقرير دوران مخالف ڌر ميمبرن واڪ آئوٽ پڻ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.