تعليمي ادارا کولڻ هڪ وڏو چئلينج

مقبول ملاح

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ طئي ڪيل ايس او پيز سان کولڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته تعليمي ادارا کولڻ جي حتمي منظوري نيشنل ڪمانڊ  اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ ڏني ويندي. صوبن جا تعليم وارا وزير سيپٽمبر کان اڳ ان حوالي سان حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ وڌيڪ ٻه اجلاس گهرائڻ تي به متفق ٿي ويا آهن ۽ جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن بابت حالتون قابو ۾ رهيون ته تعليمي ادارا کوليا ويندا، تعليمي ادارا کولڻ کان اڳ صحت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان ڪورونا وائرس بابت بريفنگ پڻ ورتي ويندي، جڏهن صورتحال بهتر هوندي ته پهرين سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کوليا ويندا ٻي صورت ۾ تعليمي ادارا بدستور بند رهندا.

ڏٺو وڃي ته ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ لاڪ ڊائون ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻارڙن جي تعليم ئي ٿي آهي، جيئن ئي وائرس پکڙجڻ جو خدشو وڌيو ته سڀ کان اڳ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا، ايتري تائين جو امتحان وٺڻ کانسواءِ ئي شاگردن کي اڳئين ڪلاس ۾ پروموٽ ڪيو ويو، حڪومت جي اهڙي فيصلي سان جيتوڻيڪ شاگردن جو هڪ وڏو انگ خوش ضرور ٿيو هوندو پر اهي شاگرد جن امتحان جي ڀرپور تياري ڪئي هئي انهن کي وڏو جهٽڪو لڳو، جيتوڻيڪ اڃان تائين اهو طئه نه ٿي سگهيو آهي ته شاگرد کي ڪهڙي شرط تحت ڪيتريون مارڪون ڏئي اڳئي ڪلاس ۾ پروموٽ ڪبو. بهرحال امتحان وارو معاملو ته ختم يا حل ٿي ويو، پر ان کانپوءِ تعليمي ادارا کولڻ حڪومت لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، حڪومت ڪوشش ڪئي ته آن لائين ڪلاس شروع ڪرائجن پر اهو فارمولو به ناڪام ويو، ان جو هڪ وڏو سبب سهوليتن جو اڻهوند هئي. هڪ طرف ملڪ جي تعليمي ادارن آن لائين ڪلاس هلائڻ جي تياري به ڪري ڇڏي ته ٻئي طرف شاگردن آن لائين ڪلاسن جي مخالفت ڪندي روڊن تي نڪري آيا، سندن چوڻ هو ته ملڪ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نه صرف انٽرنيٽ جي سهوليت نه آهي، پر 12 کان 16 ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ رهي ٿي، ان صورتحال ۾ شاگرد آن لائين ڪلاس ڪيئن اٽينڊ ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته اهو به ممڪن نه هيو ته ٻهراڙي مان ڇوڪريون هر روز جي بنياد تي گهران نڪري آن لائين ڪلاس اٽينڊ ڪري سگهن، ٻهراري ۾ گهرن ۾ نيٽ ورڪ هجڻ جو به مسئلو هيو، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي شاگردن توڙي والدين آن لائين ڪلاسن جي مخالفت ڪئي. بهرحال چئن کان پنج مهينا گذري چڪا آهن، اڃان تائين آن لائين ڪلاس شروع نه ٿي سگهيا آهن ۽ يقينن نه شاگرد ان حق ۾ آهن ته هو آن لائين ڪلاس وٺن ۽ نه ئي پاڪستان جون حالتون يا انٽرنيٽ جون سهولتون ميسر آهن ته آن لائين ڪلاس شروع ٿي سگهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ انٽر جي پروموٽ ٿيل هڪ شاگرد جيڪو يونيورسٽي ۾ داخلا جي انتظار ۾ آهي، سان منهنجي ملاقات ٿي، کانئس پڇا ڪئي ته ڇا پيو ٿئي ته پريشاني حال ۾ چيائين ڪا خبر ئي نه ٿي پئي ته ڇا ڪجي، بغير امتحان ڏيڻ جي پاس ته ٿي ويا سين، پر انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرڻ لاءِ هڪ سينٽر سان رابطو ڪيو ته انهن چيو اسان آن لائين تياري ڪرائي رهيا آهيون، جيڪڏهن توهان داخلا وٺو ته ٻڌايو، تياري جي فيس 25 هزار روپيا آهن، هاڻي ٻڌايو ته 25 هزار روپين سو به آن لائين، سندس چو هو ته پيپرن جي تياري دوران انٽري ٽيسٽ جي تياري به گڏوگڏ ٿيندي آهي جيڪا به نه ٿي.

اهڙا ته هزارين شاگرد آهن، جيڪي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ پريشان نظر اچن ٿا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن سيپٽمبر مهيني ۾ اسڪول کلن به ٿا ته ڇا شاگرد ايندڙ امتحان جي تياري ڪري سگهندا.؟ هڪ ته اڳ ئي شاگردن کي بنا امتحان جي اڳئين ڪلاس ۾ پروموٽ ڪيو ويو آهي، مٿان وري 7 کان 8 مهينن تائين شاگرد اسڪول کان پري آهن، جڏهن ته جيڪي شاگرد پروموٽ ٿيا آهن، انهن جي امتحان جو نتيجو ئي پڌرو نه ٿيو آهي، تنهن ڪري شاگرد ٻڏتر جو شڪار آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن ته شاگرد خاص ڪري انٽر جو امتحان ڏيندا آهن ته يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪندا آهن، اهڙي تياري خاص ڪري شهرن ۾ سينٽرن ۾ ڪرائي ويندي آهي، جيڪي سينٽر به لاڪ ڊائون ڪري بند پيل آهن. تنهن ڪري هن وقت سيلف اسٽڊي جي وڏي اهميت آهي، شاگردن کي گهرجي ته پنهنجن گهرن ۾ پڙهن ۽ پنهنجن علائقن جي سينئر شاگردن توڙي استادن کي رهنمائي حاصل ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.