اچو ته پنهنجي مادر علمي کي بچايون

علي عابد سومرو

شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور، جيڪا ان کان اڳ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور(ميرس) جي ڪئمپس هئي ، اها ڪئمپس اڄ مڪمل يونيورسٽي جي صورت ۾ ته اسان وٽ موجود آهي پران مادر علمي جو مثال هڪ اهڙي عمارت وانگر آهي جنهن ۾نه فرنيچر هجي ۽ نه ئي ڪو ماڻهو رهندو هجي .

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪئمپس کان وٺي شيخ اياز يونيورسٽي بڻجڻ تائين  واري جدوجهد ۾ ٻن شخصيتن جو ڪردار نهايت اهم رهيو .

انهن منجهان هڪ ته آهي شڪارپور ضلعي مان چونڊيل ايم پي اي ۽ هاڻوڪي توانائي وارو وزير امتيازاحمد شيخ ۽ ٻيو ملڪ جوناليوارو تعليم دان، اڪيڊمي معاملن جو ماهر ۽ شيخ اياز يونيورسٽي جو هاڻوڪو وائيس چانسلر غلام رضا ڀٽي آهي.

سياسي طور تي امتياز احمد شيخ جوڪردار ڀلي شهر توڙي ضلعي ۾ ڪهڙو به رهيو هجي پر هن ماڻهو جو شڪارپور شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن جي ماڻهن تي اهو احسان ضرور آهي جو هن عوام کي انهن جي در تي ئي شيخ اياز يونيورسٽي جي صورت ۾ اعليٰ تعليم جو ادارو کولرائي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو .

امتياز احمد شيخ پاران يونيورسٽي قائم ڪرائڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ويو اهو ساراهڻ جوڳو آهي پر ان جو اهو مطلب به هرگز نه هجڻ گهرجي ته ان جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ شيخ اياز يونيورسٽي رڳو امتياز احمد شيخ جي ملڪيت ئي سمجهي وڃي .

شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپورشهر ۽ ڀرپاسي واري مڙني ننڍن وڏن شهرن جي عوام لاءِ تَر جي چونڊيل نمائندي جو تحفو ضرور آهي ۽ ان اداري تي هن شهر ۽ علائقي جي مڙني ماڻهن جو هڪ جيترو ئي حق آهي .

شيخ اياز جيئن ته شڪارپور جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ اسان جي ٻوليءَ جو نهايت ئي برجستو شاعر ۽ اسان سڀني جو دادلو آهي ، تهڙيءَ ريت هن جي نالي سان جوڙايل هي ادارو به اسان سڀني کي عزيز آهي ۽ هجڻ گهرجي .

هن اداري کي جوڙائڻ ۾ جتي امتياز احمد شيخ جون محنتون شامل آهن اتي هاڻوڪي وي سي رضا ڀٽي جون به هن اداري کي هلائڻ لاءِ اڻ ڳڻيون ۽ بي ملهيون ڪوششون، ڪاوشون ۽ محنتون شامل آهن.

تعليم سان بي انتها پيار ڪندڙ ۽ ان کي عام ڪرڻ جو خواب کڻي شڪارپور آيل رضا ڀٽي ان کان اڳ ۾ هائر ايجوڪيشن اسلام آباد سميت ملڪ جي وڏن وڏن ادارن ۾ نهايت ئي مٿاهين پوسٽن تي رهيو آهي ۽ هن ماڻهوءَ کي ڪوريا جي هڪ يونيورسٽي پاران به وڏي پگهار ۽ مراعتن جي آڇ ٿيل هئي پر انهن سڀني آڇن ۽ مراعتن جي باوجود هن ماڻهو شڪارپور جي هن مادر علمي کي پنهنجي خدمت واري جذبي کي جاري رکڻ لاءِ چونڊيو ۽ هن بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي هن يونيورسٽي کي ڪئمپس کان يونيورسٽي تائين پهچايو ۽ حڪومت ۽ نمائندن کان ڪا گهر نه ڪئي پر ايتري تائين جو اڄ به هي ماڻهو هن يونيورسٽي لاءِ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي .

هن شهر جي خوش قسمتي چئجي جو اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ جي ماڻهن وٽ تعليم جو شعور ڪوورلي بچو آهي ، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي شيخ اياز يونيورسٽي جهڙو ادارو ملڻ هڪ معجزي کان گهٽ ناهي .

شيخ اياز يونيورسٽي وڏين ڪوششن کانپوءِ وجود ۾ اچي وئي پر يونيورسٽي کي شروع واري ڏينهن کان ئي فنڊن جي کوٽ ۽ بجيٽ نه ملڻ جهڙا مسئلا پيش رهيا آهن ، شروعاتي ڏينهن ۾ ڇهن مهينن تائين ملازمن جو پگهارون به ڪونه ڏنيون ويون ،اهڙي صورتحال ۾ يونيورسٽي کي هلائڻ يقينن هڪ وڏو ڪم آهي جيڪو ڊاڪٽر رضا ڀٽي اهو سمجهي انجام ڏنو ته هن شهر ۽ علائقي جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ هن اداري کي هر صورت ۾ هلائڻو پوندو ۽ هن لاڳيتو ڪوششون ورتيون .

ڊاڪٽر رضا ڀٽي تر جي نمائندن  کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير تائين سڀني سان رابطو ڪري خط لکي يونيورسٽي لاءِ فنڊ گهريا ۽ اهي ملڻ تائين هو سڪون سان نه ويٺو، سڀ کان پهرين ملازمن جون پگهارون ڏنائين ان کانپوءِ يونيورسٽي جا ٻيا معاملا نبيريائين.

بدقسمتي سان شيخ اياز يونيورسٽي سان اڄ به اهو ئي ساڳيو مسئلو پيش آهي، سنڌ سرڪار پنهنجي روايتي بي حسي جو مظاهرو ڪندي هن شهر جي يونيورسٽي لاءِ ايندڙ سال ۾ ڪا بجيٽ ئي ڪانه رکي آهي ، جنهن ڪري نه رڳو يونيورسٽي جي ملازمن جي پگهارن جومسئلو آهي پر هن يونيورسٽي سان واڳيل هر ماڻهو جو جيڪو هتي پڙهي رهيوآهي ، پڙهائي رهيو آهي ، انتظاميا جو حصو آهي يا ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي اهو سخت متاثر آهي.

اهڙي صورتحال ۾ جتي هن يونيورسٽي جي وي سي رضا ڀٽي جا حوصلا بلند آهن اتي اسان مڙني کي به پنهنجي شهر جي مادر علمي جي بجيٽ سميت ان جي بهتري لاءِ گڏيل ۽ انفرادي طور تي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.