حڪومت سڄي ملڪ ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اعلان ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 15 سيپٽمبر کان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين سميت سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ شفقت محمود ٻڌايو ته بين الصوبائي تعليم جي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل سفارشن کي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ معمولي ڦيرڦار کان پوءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.

هن ٻڌايو ته 5 جولاءِ کان ڪو تعليمي ادارا نه کوليو ويندو پر 15سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کوليا ويندا جنهن ۾ اسڪولز، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون وغيره شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته تعليمي ادارا کولڻ ۾ 2 مهينن جو موقت آهي ان ڪري آگسٽ کان پهرين هفتي ۽ سيپٽمبر جي پهرين هفت  ۾ صحت جي ڏهائين ۽ صورتحال کي ڏسندي فيصلو جو جائزو وٺنداسين ۽ وڌيڪ ڳالهيون ڪيون وينديون.

تعليم واري وزير چيو ته آگسٽ جي پڄاڻي يا سيپٽمبر جي شروع تائين صحت جا معاملا ٺيڪ نه ٿيا ته پوءِ تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو رد ڪيو ويندو.

هن چيو ته تعليمي ادارا کولڻ جي لاءِ اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز (ايس او پيز) جوڙيا ويندا جنهن جي لاءِ ڪيتريون تجويزون مليون آهن جنهن تي غور ڪيو ويندو.

تعليم واري وزير ٻڌايو ته اسان ايس او پيز جي سلسلي ۾ صوبن کان تجويزون گهرنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.